وبائن سان مقابلن جي سونهري تاريخ ۽ اڄ جي جديد دور جو الميو

تحرير: حميده گهانگهرو

ڪورونا وائرس اڄ جي هڪ حقيقت آهي. ايئن جيئن هن ڪائنات ۽ ڌرتي جو وجود، هڪ حقيقت آهي ۽ ان ڪائنات توڙي ڌرتي تي ٿيندڙ ارتقا، تبديليون ۽ تباهيون وبائون حقيقتون رهيون آهن. انهن حقيقتن کان منهن موڙڻ جي معنيٰ اِها آهي ته اسان انهن چئلينجن کي منهن ڏيڻ نٿا چاهيون ڪنهن جاکوڙ ۽ جستجو کان ڀڄڻ ٿا چاهيون. جڏهن ته انساني تاريخ کي ڏسبو ته انسان هر دور ۾ زميني حقيقتن جي اکين ۾ اکيون وجهي انهن جو مقابلو ڪيو آهي ۽ انسانن جي جيئڻ جو تبديلي آڻي انتظام ڪيو آهي. ڇا هن دنيا خشڪ سالي، درياهن جا رخ موڙڻ وارا الميا نه ڏٺا آهن.

وقت ۽ حالتن سان هر دور ۾ ڌرتي جي مٿاڇري تي تبديليون آيون آهن، ڊائنو سار جانورن جو ختم ٿي وڃڻ ۽ انسان جي پنهنجي ارتقا جا دور مختلف وقتن ۽ حالتن ۾ تبديل ٿيندا رهيا آهن. ان سان گڏوگڏ جاگرافيائي طبعي تبديلين جو هئڻ ناممڪن نه پر ممڪن آهي، مشينري شين جي وافر مقدار ۾ استعمال هئڻ ڪري دونهين اوزون تي پنهنجا خراب اثر ظاهر ڪيا آهن. موسمن جي تبديلي نمايان نظر اچي پئي، سرد علائقن کانسواءِ زميني علائقن ۾ هر موسم جا اثر نظر ايندا هئا پر هاڻي ڄڻ بهار، سيارو نه هئڻ برابر ٿي ويو آهي ته اهڙي صورت ۾ اڄ جي جديد دؤر ۾ عام انسان به سائنسي سوچ جو رخ وٺي ٿو. اهڙي صورت ۾ ڪنهن به تبديلي کي آڻڻ ۽ حل ڪڍڻ جي نظر سان ڏسڻ جي شديد ضرورت آهي.

ڇا پهرين جڏهن جتي ٻوڏون، طوفان زلزلا آيا ته ماڻهن وقتي طور تي تبديلي کانپوءِ اهي ئي علائقا آباد نه ڪيا اڄ به پهاڙي علائقن جي آباديءَ جون خوبصورتيون ۽ مقامي ماڻهن جون رهائشون ٻيهر وسندي نظر اينديون. پري نه وڃجي ته 2005 ۾ مظفر آباد راول ڪوٽ، بالاڪوٽ ۽ ڪيترا علائقا خوفناڪ زلزلي جي تباهي ۾ انساني جانيون ڳڙڪائي ويا وري اهي ئي علائقا اڄ پنهنجي عروج تي ڪر کنيو بيٺا آهن. سامونڊي طوفانن، سونامين شهرن جا شهر لوڙهي ڇڏيا، 2011 ۾ سونامي وگهي جاپان ايئن لڙهي پيو جيئن ٻار ڪاغذ جي ٻيڙي ٺاهي پاڻي ۾ ترندا آهن، اڄ جاپان پنهنجي انهيءَ جوش تاب سان ڪنڌ کنيو بيٺو آهي. سو انسان، ڌرتيءَ تي مضبوط ۽ ذهين سڃاڻپ رکندڙ ساهدار آهي.

آمريڪا جي مشهور سائنسدان، ماهر فلڪيات ۽ بهترين ليکڪ نيل ڊيگريس ٽائيسون (neel degrasse Tyson) سنڌ جي تهذيبي شهر موهن جي دڙي کي جديد طريقي سان سمجهائيندي چوي ٿو ته جڏهن يونان جا ماڻهو اڃان ننڍڙن قبيلن جي صورت ۾ ڀٽڪيا پئي تڏهن قديم سنڌ جا هي ماڻهو موهن جي دڙي جهڙي خوبصورت شهر ۾ رهندا هئا. هنن وٽ پنهنجو هنر هو. ٻولي هئي، شين کي ماپڻ جا اوزار هئا ۽ سڀ کان سٺي ڳالهه ته هنن وٽ نيڪال جو اهڙو بهترين نظام هو جيڪو اڄ به ڪافي شهرن ۾ ڪونهي. ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته سڄي موهن جي دڙي ۾ ڪٿي به هٿيار يا جنگي اوزار نٿا ملن. هي اُهو موهن جو دڙو آهي جنهن لاءِ چيو ٿو وڃي جيڪو هڪ نه  ٻه نه ڇهه دفعا درياءَ جي چاڙهه سبب ٻڏي ويو. پر مهين جي ماڻهن جو حوصلو ڏسو ته انهن وري ساڳي هنڌ تي ئي ڇهه ڀيرا شهر آباد به ڪري ڏيکاريو. افسوس ان ڳالهه جو آهي ته جتي دنيا ۾ پوريل ٻڏل تاريخي ماڳ مقام ٺاهي انهن جي جوڙجڪ کي آگاهي ڏيڻ لاءِ عوام ۽ دنيا جي سياحن لاءِ يادگار بڻايو ويو آهي اتي موهن جو دڙو مٽي جي تاج وانگر پري کان نمايان نظر ايندڙ اڄ پنهنجي ڏک سور بي حسي جو شڪار ٿيندي جهرندي جهرندي نوڙي رهيو آهي. ثقافت کاتا، باشعور ساڃاهه وند جمهوري حڪومتون به ڄڻ خاموش آهن. بلڪ 1947ع کانپوءِ لاڙڪاڻي موهن جي دڙي جي پاسي ۾ رتوديرو، نئون ديرو جا حڪمران شهيد سياسي رهنما پنهنجي آخري آستاني ۾ تقريبن 20 سالن جي حڪمرانيءَ جي تاج ۾ نظر اچن ٿا. توڻي جو کڻي سندن شهادت جو تاج الڳ آهي پر سياسي حڪمراني عوام جي امانت جي ذميدار آهي.

اڄ به جڏهن سنڌ ۾ جمهوريت جي دعويدار پيپلزپارٽي جي حڪمراني نظر اچي ٿي ته عوام، دنيا جي تاريخي پس منظر ۾ جهاتي پائي جائزو وٺندي ڪيترن سوالن ڪرڻ جو حقدار آهي جن ۾ اڄ جي ڪورونا وائرس ۾ تباهه ڪاريون، غير سنجيده اپاءُ وٺڻ، بي مقصد سختيون ڪرڻ، ڪنهن حد تائين ترقي يافته ملڪن جي قطار ۾ شامل ٿيڻ بجاءِ نامناسب ۽ بي سمجهائي جا نتيجا نظر اچي رهيا آهن. درگاهن، مسجدن، مندرن، تفريح گاهن، دڪانن بازارن کي بند ڪرڻ ته ڪنهن حد تائين مناسب آهي ڇاڪاڻ جو ڪا به آفت جنگي صورتحال کان گهٽ ناهي هوندي ۽ جنگ ۾ ڪرفيو جهڙيون پابنديون، بليڪ آئوٽ ڪري انساني آبادين کي محفوظ ڪيو ويندو آهي، پر ڪورونا جي صورتحال ۾ ڏٺو ويو آهي ته عوام کي معاشي ۽ جاني نقصان ڏنو ويو آهي. پهرين ڪورونا ۾ مري ويلن جي مڙهه کي باقاعدي پيڪ ڪري چند ويجهن مٽن مائٽن جي نگراني ۾ مخصوص جڳهه تي دفنايو ويندو هو. پر اڄ پنهنجن عزيزن قريبن جي هٿن ۾ غسل ڏئي پنهنجي ئي عزيزن جي ويجهو انهن کي دفنايو ٿو وڃي. ڇا اها تبديلي صرف دفنائڻ جي حد تائين رهي يا انهن جون ٻيون به ذميداريون مثلن ماڻهن جي روزگار کي ڪيئن برقرار رکيو وڃي اسپري ڪرائڻ هيلي ڪاپٽر ذريعي اسپري ڪرائڻ، سينيٽائيز سختيءَ سان ادارن ۾ ڪرائڻ جي پابندي.

باقي اسڪولن کي بند ڪري ٻارن جي تعليم کان پري ڪرڻ ڪنهن به حوالي سان مستقبل جي معمارن سان انصاف ناهي. پيءُ ماءُ، ٻارن کي وٺي تقريبن گهمڻ ڦرڻ وارين جاين تي وڃن ٿا، شهر بازارون کليل آهن، شاپنگ ٿين ٿيون پر ٻارن جا اسڪول بند آهن.

تعليم، مطالعي جي ماءُ آهي. جيڪڏهن مطالعو نه هوندو ته تعليم ڪيئن ايندي. چوندا آهن ته جنهن قوم کي تباهه ڪرڻو هجي ته پهرين ان جي تعليم تباهه ڪيو، علم ۽ شعور کان ٻارن کي پري رکو، خواب وڏا ڏيکاريو پر عمل اڌورا هجن، جيئن اک کلي ته اهو خواب، خواب ئي هجي.

تعليم تي هر سال مالي بجيٽ رکي وڃي ٿي. پر ان جو ڪو حساب ڪتاب ناهي. اسڪول بند آهن پر ٻار پنهنجي ٻل تي ليپ ٽاپ ۽ ڪمپيوٽر تي آن لائين ڪلاسز وٺن ٿا پر اها سهوليت سنڌي جي هر شهر ڳوٺ جي شاگردن کي ناهي. انهيءَ صورت ۾ ايئن چئجي ته جن کي اها سهولت آهي انهن ته ميڊيڪل، وڪالت، انجنيئرنگ جون ڊگريون به ورتيون ڇاڪاڻ جو دراصل انهن جو بنياد مضبوط هو. پر جيڪي ٻار اڃا بنياد کي به صحيح طرح نه سمجهي سگهيا آهن انهن جي بنيادي تعليم ڪهڙي هوندي. آن لائين ڪلاس ته بلڪل هڪ سٺو مثبت قدم آهي پر ڇا ان سان هر ٻار ايتري ذميداري محسوس ڪري ٿو.

ڏک سان چوڻ ٿو پوي ته سواءِ چند والدين جي، اڪثريت ۾ ٻارن جي گرمي وارن ٻن مهينن جي وئڪيشن ۽ 10 ڏينهن جي سياري جي موڪلن ۾ ئي والدين ٻارن کان بيزار ٿي ويندا آهن ته ٻارن ته مٿو ئي خراب ڪري ڇڏيو آهي. الائي ڪڏهن اسڪول کلندا؟ انهيءَ حد تائين جتي والدين هجن (معذرت سان) اتي ٻارن ڪيتري تناسب ۽ سنجيدگيءَ سان آن لائين تعليم مان لاڀ ماڻيو هوندو. جڏهن ته ٻار جي بنيادي تعليم تربيت جي ذميوار حڪومت، رياست، استاد ٿئي ٿو. اهو چوڻ حقيقت تي ٻڌل آهي ته ٻار جي پهرين درسگاهه ماءُ جي هنج آهي ته ٻي درسگاهه استاد. ڏٺو وڃي ته جڏهن ٻي درسگاهه لهر لوڏن ۾ آهي ته اهڙي صورت ۾ صرف اهو چئجي ته پهرين صحت پوءِ تعليم، بلڪل صحيح، پر جيئن ماءُ پنهنجي ٻار جي صحت لاءِ صفائي سٿرائي کاڌي پيتي آرام جو خيال رکندي آهي. اهڙيءَ طرح اها رياست جي ذميداري آهي ته ٻار جي حفاظت ۽ تعليم لاءِ ڪهڙا اپاءُ وٺي رهي آهي. وائرس نامناسب ۽ گدلاڻ گندگي جي جاءِ تان اچي ٿو. مڪمل حفاظت ڪرڻ ۽ ٻارن کي حفاظت جي جاءِ تي رکڻ دراصل اها ئي سچائي آهي ته مستقبل جي معمار کي ڪيئن محفوظ ڪيو ٿو وڃي.

پهرين ماتا، ارڙي جهڙيون خطرناڪ بيماريون هيون حڪومت تمام سنجيدگيءَ سان ماتا تي ڪنٽرول ڪيو ڇاڪاڻ جو ماتا ۾ تڪليف ته هوندي ئي هئي، بخار جي ڪري موت به ٿيندا هئا. اڄ به وڏڙن کان پڇجي يا ڪي اڃا جيئرا هجن ته ماتا هئڻ ڪري اکيون ضايع ٿي وينديون هيون. سڄي جسم جي کل ۾ چگهه چگهه ٿي ويندا هئا.

ايتريون سهولتون ۽ دوائون نه هونديون هيون ان ڪري ماڻهو پنهنجا ديسي ٽوٽڪا ۽ علاج ڪندا هئا. پر ڪنهن حد تائين سندن باشعور ذهن ۾ اينٽي بايوٽڪ اڄ جي سينٽائيزر طور نم جا پن سڄي گهر ۽ مريض جي هنڌ کٽ تي رکيا ويندا هئا. نم جي اوٻاريل پاڻيءَ سان ڪجهه ڏينهن کانپوءِ وهنجاريو ويندو هو ٻارن کي اسڪولن ۾ زبردستي ٽڪا هنيا ويندا هئا جيڪي هڪ گول دائري جي صورت ۾ ننڍڙيون سيون پيل هونديون هيون ۽ تقريبن ٻانهن ۾ ڀڃي پوڻ سان گڏ بخار به ڪندا هئا. ان جو ننڍو قسم ارڙي جنهن کي ننڍي ماتا چوندا هئا اها به تمام تڪليف ده هوندي هئي. اڄ جي دؤر ۾ ماتا جو ته مڪمل خاتمو ٿي ويو. پر ارڙي جنهن کي ”ننڍي ماتا“ چئجي ٿو، اها ڪنهن حد تائين موجود آهي جنهن جي مڪمل خاتمي لاءِ به ٻار کي پيدائشي پوءِ ڪجهه مهينن ۽ سال تائين ڪورس مڪمل ڪرايو ٿو وڃي.

انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته ڪنهن به وڏي نقصان کان بچڻ لاءِ بهتر اپاءُ وٺي ۽ آسان رستا ۽ موقعا  مُهيا ڪيا وڃن. اڄ جي جديد دور ۾ ٻن سالن جو تمام وڏو عرصو آهي ڪنهن وائرس جي صورت ۾ ڳرا نقصان کڻڻ، اڄ جو انسان جيڪو فرش کان عرش تي اڏامي رهيو آهي تنهن کي جديد دؤر ۾ قديم سوچ جي دائري کان ٻاهر نڪرڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.