ڊگهڙي لڳ زخمي عورت ايمبولينس نه ملڻ سبب فوت

ڊگھڙي (ن ع آ) ڊگهڙي ڀرسان ڪنگورو شاخ ويجهو تيز رفتار ايئرڪنڊيشن ڪوچ جي ڪراسنگ دوران روڊ تان گذرندڙ موٽرسائيڪل ڊرائيور جي  ڪنٽرول مان نڪري سلپ ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ موٽرسائيڪل تي سوار حيدرآباد واسڻ پيرسن عورت نعمت زال حاجي خان محمد ڪپري ۽ سندس ٻن سالن جي معصوم پوٽي فاطمه زخمي ٿي پيون جڏهن ته  سندس پٽ غلام حيدر ڪپري معجزاڻي طور تي محفوظ رهيو زخمين کي تعلقي اسپتال ڊگهڙي ۾ طبي امداد فراهم ڪرڻ بعد زخمي عورت نعمت ڪپري کي حيدرآباد ريفر ڪيو ويو تعلقي اسپتال ۾ ايمبولنيس موجود نه هئڻڪري ايڌي ايمبولينس گهرائي وئي جيڪا پڻ خراب هئڻڪري وچ شھر ۾ بند ٿي وئي ۽ زخمي عورت تڙپندي رهي سندس وارث زخمي عورت کي فلاحي اداري جي هڪ ٻي ايمبولينس گهرائي کيس حيدرآباد کڻائي ويا زخمي عورت زخمن جا سور نه سهندي رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو،ڊگهڙي شھر جي وچ ۾ عورت کي تڙپندو ڏسي صحت کاتي جي مقامي توڙي اعلي اختيارين جي لاپرواهي تي سوين سوال اٿاري رهيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.