ڀان سيدآباد: يارهين درجي جا امتحان جاري، بورڊ چيئرمين جو دورو،20 شاگرد ڪاپي ڪندي سوگها

تعليمي بورڊ حيدرآباد جي انتظام هيٺ يارهين درجي جي هلندڙ سالياني امتحان دوران اڄ ڪيميسٽري جو پرچو ورتو ويو. چيئرمين تعليمي بورڊ حيدرآباد ڊاڪٽر محمد خان ميمڻ  اوچتو ڀان سيدآباد ڊگري ڪاليج جي امتحاني سينٽر جو دورو ڪيو ، بورڊ چيئرمين شاگردن جون سلپون چيڪ ڪيون. 20 کان وڌيڪ شاگرد ڪاپي ڪندي پڪڙجي  پيا ، ڪيترن کي ڪاپي ڪيس ڪيو ويو، چيئرمين تعليمي بورڊ محمد خان ميمڻ پاران شڪي شاگردن جي تلاشي به  ورتي وئي. شاگردن پاران بورڊ چيئرمين اڳيان امتحان دوران بجلي بند هجڻ جون دانهون ڪيون ويون، ان موقعي تي چيئرمين تعليمي بورڊ محمد خان ميمڻ بجلي معاملي تي سيپڪو انتظاميا کي ليٽر لکي هدايت ڪئي ته  امتحان وقت بجلي لوڊشيڊنگ نه ڪئي وڃي، هن چيو ته ڪورونا وائرس سبب تعليم جو گهڻو نقصان ٿيو آهي ان جي ڪري شاگردن کي امتحان ۾ رعايت ڏني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.