عائشا اڪرم کي هراسان ڪندڙن کي ڪهڙي سزا ملندي؟

لاهور (ويب ڊيسڪ) مينار پاڪستان تي ٽڪ ٽاڪر کي هراسان ڪرڻ جي ڪيس ۾ ملوث جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ لاءِ مئجسٽريٽ 28 آگسٽ جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.

ٽڪ ٽاڪر عائشا اڪرم سان پيش آيل واقعي تي ڪيس ۾ گرفتار 131 جوابدارن جي سڃاڻپ پريڊ لاءِ ڪيس جي جاچ آفيسر ضلعي ڪچهري ۾ سڃاڻپ پريڊ جو ڏينهن مقرر ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن تي عدالت حڪم جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت ڪئمپ اختيارين کي سڃاڻپ پريڊ لاءِ انتظام مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، عائشا اڪرم ڪئمپ جيل ۾ مئجسٽريٽ جي موجودگي ۾ جوابدارن جي سڃاڻپ ڪندي.

جن جوابدارن جي متاثر عورت ۽ ان جا ساٿي سڃاڻپ ڪندا، انهن خلاف ڪيس جو ٽرائل هلايو ويندو.

ايف آءِ آر ۾ شامل قلمن تحت جوابدارن کي عمر قيد ۽ موت جي سزا به ٿي سگهي ٿي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.