ٻٽي قتل جو جوابدار گل محمد ساند باعزت بري

مٺي (بيوروچيف)مٺي جي ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نوجوان ڏونگر ميگهواڙ ۽ سندس ساليء بڀيتا ميگهواڙ جي قتل ڪيس ۾ نامزد  جوابدار پوليس اي ايس آء گل محمد ساند کي ڏوه ثابت نه ٿيڻ تي بري ڪري ڇڏيو آھي  ڏيپلو واسي نوجوان ڏونگر ميگهواڙ ۽ سندس سالي مٺي واسڻ بڀيتا ميگهواڙ جا 8 مهينا اڳ اوله فقير محله مٺي ۾ پوليس اي ايس آء گل محمد ساند جي ذاتي جڳھ مان ٽنگيل لاش مليل هئا، جوڙي جي وارثن پاران مسلس احتجاج بعد اي ايس آء گل محمد ساند مٿان قتل جو ڪيس داخل ٿيو هو ۽ کيس گرفتار ڪري جيل اماڻيو ويو هو، جيڪو ڪيس مٺي جي عدالت ۾ ھلندڙ ھو عدالت ڪيس جي جوابدار پوليس گل محمد ساند مٿان قتل جو ڏوھ ثابت نه ٿيڻ ۽ جاچ ۾ سندس مٿان ڪابه قتل جي شاهدي نه گذرڻ تي شڪ جي فائدي ۾ ڪيس مان بري ڪري ڇڏيو آھي  عالت ۾ جوابدار جي طرفان ڪيس جي پيروي حيدرآباد جي نامور قانوندان ايڊووڪيٽ غلام الله چانگ ڪئي واضع رهي ته مٺي جي تاريخ جي هن هاء پروفائل ڪيس جو آء جي سنڌ نوٽيس وٺي جاچ نواب شاه جي ان وقت مقررايس ايس پي تنوير احمد تنيو حوالي ڪئي هئي، جاچ ٽيم جوڙي جي قبرڪشائي ڪرائي ٻيهر پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کانوٺي جوابدار توڙي مبينا مقتول جوڙي جي ٻيهر ڊي اين اي ٽيسٽ ڪرائڻ سان گڏ واقعي جي ٽيڪنيڪل توڙي نان ٽيڪنيڪل سمورن پهلوئن تي جاچ ڪري رپورٽ عدالت ۾ ڏني هئي ۽ لاڳاپيل اختيارين کي پڻ اماڻي هئي ان رپورٽ ۾ ڏونگر ۽ سندس سالي بڀيتا واقعي کي اجتماعي خودڪشي قرار ڏنو هو ۽ نامزد جوابدار کي بي ڏوهي قرار ڏيئي سندس نالو ڪيس مان خارج ڪرڻ جي پڻ سفارش ڪئي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.