لاڙڪاڻي شهر مان پر اسرار نموني نينگر گم

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي حيدري ٿاڻي جي حد گجڻ پور چوڪ بروهي پاڙي مان ٽي ڏينهن  اڳ پراسرار نموني گم ٿي ويل 12 سالن جي نينگر عبدالوحيد چانڊيو جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي جنهن ڪري سندس گهر ڀاتين ۾ سخت پريشاني واري لهر ڇانيل آهي. ان حوالي سان گم ٿي ويل نينگر جي وارث ذوالفقار چانڊيو ٻڌايو عبدالوحيد  ٽي ڏينهن گهر جو سامان وٺڻ لاءِ گهران نڪتو ته رات تائين واپس ڪو به پهتو بعد ۾ اسان کيس گجڻ پور چوڪ سميت مختلف علائقن ۾ ڳولا ڪرڻ سان گڏ حد جي حيدري ٿاڻي جي پوليس کي اهڙو اطلاع ڏنو پر هن وقت تائين پوليس گم ٿي ويل نينگر کي هٿ نه ڪري سگهي آهي جنهن ڪري اسان جي گهرن ۾ ڪهرام متل آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته گم ٿي ويل نينگر جي ڳولا ۾ مدد ڪري ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.

حيدرآباد جو ڊي سي ۽ ايس ايس پي عدالت طلب

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد سرڪٽ بئنچ سبزي منڊي جي واپارين کي  تنگ ڪرڻ  ۽ ڪيس داخل ڪرڻ خلاف داخل توهين عدالت جي درخواست تي ڊي سي حيدرآباد فواد غفار سومرو. ايس ايس پي حيدراباد عبدالسلام شيخ ۽ چيئرمين مارڪيٽ ڪميٽي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي. حيدرآباد ۾ فروٽ ۽ سبزي منڊي جي واپارين سنڌ هاءِ ڪورٽ  حيدرآباد ۾ درخواست داخل ڪرائي ته حيدرآباد هاءِ ڪورٽ اڳ ۾ ئي حڪم ڏئي چڪي آهي ته گھربل سھولتن جي فراهمي تائين واپاري پراڻي ۽ نيئن سبزي منڊي ۾ ڪاروبار ڪري سگهن ٿا. ان باوجود حيدرآباد پوليس ۽ ضلعي انتظاميه زبردستي واپارين تي ڪيس داخل ڪري ھراسان ڪري رهي آهي. پراڻي سبزي منڊي ۾ ڪاروبار ڪرڻ نٿو ڏنو وڃي. هنن استدعا ڪئي ته ڌرين خلاف  توهين عدالت ڪرڻ تي ڪارروائي ڪئي وڃي. ان ڏس ۾ 2 رڪني بينچ توھين عدالت جي درخواست تي ڪارروائي ڪندي  ڊي سي ، ايس ايس پي ، چيئرمين مارڪيٽ ڪميٽي سوڌو لاڳاپيل ڌرين کي توھين عدالت جا نوٽيس جاري ڪندي کين ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ طلب ڪندي شنوائي 14 سيپٽمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

جروار لڳ موٽر سائيڪل واهه ۾ ڪري پئي، نوجوان ۽ عورت بچي ويا

جروار ( ن ع آ )  جروار ويجھو شير علي پل وٽ  موٽر سائيڪل واھ ۾ ڪري پئي، عورت سميت نوجوان موٽرسائيڪل تان ٽپو ڏيئي  پنھنجي جان بچائي ويا،جڏھن ته موٽر سوار شاھنواز پتافي ۽ ھڪ عورت ۽ ٻارڙي سُميت ٽيئي ڄڻا زخمي ٿي پيا آھن جن کي واٽ ويندڙ ماڻھن جروار جي پرائيوٽ اسپتال پھچايو آھي ٻي طرف زخمين جو علاج جاري آھي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.