ڪراچي ۾ ڪورونا جي صورتحال سنگين ٿي وئي، انگ اکر جاري

 

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 15 ڄڻا فوت ۽ 1459 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.

سيد مراد علي شاهه ڪورونا وائرس جي صورتحال تي بيان ۾ چيو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 18455 نمونن جي جاچ ڪئي وئي ۽ 1459 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ ڪيسن جو مجموعي انگ 422370 ٿي ويو آهي.

هن ٻڌايو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 15 فوتگيون پڻ ٿيون، ائين فوتين جو مجموعي انگ 6627 تي پهچي ويو آهي.

سندس چوڻ هو ته اڄ وڌيڪ 766 ڄڻا صحتياب ٿيا، جنهن کانپوءِ وائرس مان صحتياب ٿيندڙن جو مجموعي انگ 367241 ٿي ويو.

وڏي وزير موجب صوبي ۾ 1459 نوان ڪيسن مان 706 جو واسطو ڪراچي سان آهي، اوڀر ۾ 313، ڏکڻ ۾ 194، سينٽرل ۾ 101، ملير ۾ 44، ڪورنگي ۾ 38 ۽ اولهه ۾ 16 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا.

سيد مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 48502 مريض علاج هيٺ آهن ۽ 1070 جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته 86 وينٽي ليٽر تي آهن.

بيان موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران 122105 ماڻهن کي ويڪسين ڪئي وئي، هيل تائين 10211446 ڄڻن کي ويڪسين ٿي چڪي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.