گمبٽ ، سکر ،ڀرياسٽي ، ميان صاحب ، سوڀوديرو ۽ ميرپورخاص جون خبرون

گمبٽ : پوليس پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان جي وارثن پاران بازيابي لاءِ مظاهرو

سکر : ڊسٽرڪٽ جيل شھر کان ٻاھر ڪڍڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي: اعجاز جکراڻي

ڀرياسٽي: بااثر ايڪسائيز انسپيڪٽر ۽ مٽياري پوليس خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاج

ميان صاحب : ڊرينيج نظام جي پائيپ لائين جي کوٽائي ڪندڙ  مزدورن جو احتجاج

سوڀو ديرو: ڳوٺ ڪوڙل کهڙو واسي جو پٽ هڪ مهيني کان گم،ڳولها ۾ مدد جي اپيل

ميرپورخاص: حملي جي جوابدارن تي پوليس ڪيس داخل نه پئي ڪري : ڳوٺ کنڀڙِي واسي

1

11 ڏينهن اڳ گمبٽ جي ابل واه ڀر سان لوهه جي دڪان تان پوليس پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان سعيد احمد سولنگي جي وارثن  نٽهڻ اس ۾ پريس ڪلب گمبٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ، ان موقعي تي وارثن احتجاج ڪندي الزام هنيو ته پوليس نوجوان کي آزاد ڪرڻ لاءِ رشوت گهري هئي نه ڏيڻ تي نوجوان کي گم ڪري ڇڏيو آهي  هنن خدشو ڏيکاريو ته پوليس نوجوان کي ڦل ڦرائي ڪرڻ چاهي ٿي، هنن ڊي آء جي سکر, ايس ايس پي خيرپور کان مطالبو ڪيو ته پوليس پاران کنڀي گم ڪيل نوجوان کي ظاهر ڪري ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ احتجاج جو  دائرو وسيع ڪيو ويندو.

2

جيل معاملن بابت  صوبائي صلاحڪار  اعجاز جکراڻي چيو آهي ته سکر جو ڊسٽرڪٽ جيل شھر کان ٻاھر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ، شھر کان ٻاھر ماڊرن جيل تعمير ڪيو ويندو ، جنهن جي  تعمير لاء پرپوزل ڪابينا ۾ پيش ڪيو ويندو، سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي صلاحڪار اعجاز جکراڻي جو چوڻ هو ته جيلن ۾ ماضي وانگر قيدين لاء ننڍيون ننڍيون صنعتون قائم ڪيون وينديون ، نيب ٽيم تي ڪو حملو ناھي ڪيو ، ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا تي غلط خبرون ھلڻ سبب مسئلو وڌايو ويو ، هن چيو ته نيب ۾ سياسي مخالفن جي چوڻ تي هن جي خلاف ڪيس  داخل ڪيا ويا آھن .

3

ڀرياسٽي جي ڳوٺ رب رکيو سولنگي واسي عورتن، مردن  پاران  بااثر ايڪسائيز انسپيڪٽر ۽ مٽياري پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو ، پريس ڪلب ۾ احتجاج ڪندي اڪبر سولنگي، آئشه، نرگس ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪجهه ڏينهن اڳ مٽياري جي  ايس ايڇ او شبير لاڙڪ۔اي ايس آء خان زرداري موبائيل چوري جي الزام ۾ اسان جي نوجوان  شاهنواز سولنگي کي کنڀي کيس سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۔ جنهن بعد اسان جي برادري جي ايڪسائيز انسپيڪٽر هاشم سولنگي  فراڊ ڪري گرفتار ٿيل شاهنواز کي ڇڏائڻ جي لاء  2 لک  روپيا ورتا ،هنن ٻڌايو ته   مٽِاري ۾ جنهن واردات ڪئي ۔۽ جنهن موبائيل چوري ڪئي اهي جوابدار به پوليس جي حوالي آهن پر پوليس انهن کي گرفتار ڪرڻ بدران  غريبن کي تنگ ڪري رهي آهي  ، هنن آء جي سنڌ ،ڊي آء جي حيدرآباد۔ايس ايس پي حيدرآباد ۽ وس وارن کان مطالبو ڪيو ته انصاف ڪري پيئسا واپس ڪرايا وڃن۔

4

ميان صاحب ۾ ڊرينيج نظام جي پائيپ لائين جي کوٽائي ڪندڙ  مزدورن  پاران گهٽ ڏھاڙي ملڻ خلاف ٺيڪيدار خلاف احتجاج ڪيو ويو،  مزدوري ڪندڙ پورهيتن قربان ابڙو ، اصغر ۽  عبدالله ابڙو سميت ٻين ٺيڪيدار خلاف احتجاج ڪندي چيو ته ٺيڪيدار اسان کي پائيپ لائين جي کوٽائي لاء گهٽ ڏھاڙي ڏئي ٿو، مھانگائي سبب ٺيڪيدار پاران ملندڙ ڏھاڙي مان پورائو نه ٿو ٿئي، هنن وس وارن کي اپيل ڪئي  ته خدارا هن سخت گرمي ۾ کوٽائي جي مزدوري وڌرائي ڏني وڃي ۽ اسان جي پريشاني ختم ڪئي وڃي .

5

سوڀوديرو ڀرسان ڳوٺ ڪوڙل خان کھڙو جو رھواسي نورالدين بروھي پٽ جي ڳولها لاءِ  انساني حقن جي تنظيم  Hrpf آفيس  قرآن پاڪ کڻي پهتو ، هن  سرندي وارن ، سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا کي اپيل ڪئي ته هن جو پندرهن ورهين جو پٽ خدا نذر بروھي جيڪو اٺين درجي جو شاگرد آهي ،  اھو گذريل مهيني جي ٻي تاريخ کان  گھر وارن سان ناراض ٿي ڪاوڙجي نڪتو آهي  جنھن جو اڄ ڏينھن تائين پتو نه پيو آھي،  مٽن مائٽن ۽ واسطيدارن ڏانھن به ڳولا ڪئي آھي پر ڪابه خبر نه پئجي سگهي آهي، هن اپيل ڪئي ته پٽ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي

6

ميرواھ گورچاڻي پوليس اسٽيشن جي حد ڳوٺ کنڀڙي  ۾بدمست ڀائٽن  پيرسن چاچي نٿو خاصخيلي  کي  پرچون جي دڪان تي موٽر سائيڪل جو ٽڪر ھڻي تشدد ڪرڻ بعد  کيس ڇڏائڻ لاء ايندڙ سندس سوٽ مصري کي سروٽا ھڻي زخمي  ڪري ڇڏيو. زخمي مصري کي سول اسپتال ميرپورخاص م داخل ڪيو ويو. زخمي مصري ۽ سندس ڀاء ٻڌايو ته ميرواھ پوليس واقعي جي ايف آءِ آر داخل  نه پئي ڪري ، ھنن ٻڌايو   ته جوابدار فيض محمد عرف فيضو،   ظفر،   عقيل،  غلام مھدي ء اڪبر ھنن تي حملو ڪيو ھاڻي وري مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رھيا آھن. ، متاثرن ايس ايس پي ميرپورخاص کان جوابدارن تي ڪيس داخل ڪرڻ ء جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آھي.

 

 

 

 

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.