افغان پناهه گيرن جي آمد ۽ سنڌ جي ڳڻتي

وفاقي حڪومت پاران افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت جي قيام بعد افغان عوام کي پاڪستان اچڻ جي اجازت ڏيڻ بعد مجموعي طور تي ملڪ جي ساڃاهه وند عوام لاءِ هڪ ڳڻتيءَ جي لهر اڀري آهي، پر سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي سنڌ جي عوام کي آهي، اطلاع اهي آهن ته وزيراعظم ست لک افغانين کي مهاجرن جي صورت ۾ پاڪستان اچي پناهه وٺڻ جي اجازت ڏني آهي، جڏهن ته ان کان اڳ وزيراعظم جي هدايتن تي پاڪستان ۽ افغانستان جا چيڪ پوسٽ سيل ڪيا ويا هيا ۽ وڌيڪ افغان پناهه گيرن کي پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ سخت اپاءَ ورتا ويا هيا، پر هاڻي فيصلي ۾ تبديلي آئي آهي.

افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت قائم ٿيڻ بعد وفاقي حڪومت توڙي ملڪ جي مذهبي حلقن وڏي جوش ۽ جذبي جو اظهار ڪيو هو، جڏهن ته افغانستان ۾ افغان طالبان جي حڪومت هاڻي ٻئي هفتي ۾ هلي رهي آهي، انهيءَ مختصر عرصي ۾ طالبان جي حڪومت ۾ جيڪا ڳالهه سڀ کان وڌيڪ ٿي آهي، اها آهي، طالبان جي آزاد افغانستان واري حڪومت ۾ افغان عوام جي پنهنجي ملڪ مان ڀاڄ، جنهن جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته شروع واري هڪ ٻن ڏينهن ۾ آمريڪا جو فوجي ڪارگو جهاز جيڪو ڪابل ايئرپورٽ تي لٿو هو اهو سامان سان گڏ ماڻهن سان به ڀرجي ويو ۽ جڏهن اهو هوا ۾ اڏامڻ لڳو ته سون جي انگ ۾ افغان عوام انهي جهاز سان چنبڙي پيو جنهن مان ٽي شهري ته جهاز جي فضا ۾ اوچي ٿيڻ تي هيٺ اچي ڪريا جن جي موت جا انتهائي هيبتناڪ منظر سموري دنيا ٽي وي اسڪرين تي ڏٺا جڏهن ته هڪ شهريءَ جو لاش جهاز جي آمريڪا پهچڻ تي جهاز جي ڦيٿن مان ڪڍيو ويو ان کان سواءِ اهڙا ڪيترائي وڊيو ڪلپ ڏسي سگهجن ٿا جن ۾ افغان شهري هزارن جي صورت ۾ چرين وانگر پاڪ افغان سرحد طرف ڊوڙي رهيا آهن، جن جو مقصد هر صورت ۾ پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ آهي، جيڪي ڦري گري اچي سنڌ ئي پهچندا.

اها سنڌ جي بدقستي رهي آهي ته افغانستان ۾ ڊاڪٽر نجيب جي حڪومت جي خاتمي کان وٺي هن وقت تائين نه صرف افغانستان متاثر ٿيو آهي، پر ان سان گڏوگڏ پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ متاثر ٿي آهي، منشيات هُجي، خطرناڪ هٿيار هجن، آپگهاتي بمبار هجن يا وري خود افغان عوام هُجي انهن سڀني جو رستو ڪابل ۽ قنڌار کان سنڌ اچي ٿو، سنڌ جي مجموعي سماجيات جو جيڪو گذريل ٽيهن سالن ۾ نقصان ٿيو آهي، ايترو نقصان سنڌ جي تاريخ ۾ اڳ نه ٿيو آهي، پاڪستان جي قيام بعد سنڌ ڏانهن وري پناهه گيرن جي افغان خانه جنگين جي ڪري ٿيو آهي ۽ هن وقت به سرڪاري انگن اکرن موجب سنڌ ۾ ٽيهن لکن جي لڳ ڀڳ افغان شهري موجود آهن جن جو هڪ وڏو انگ گاديءَ واري شهر ڪراچيءَ ۾ موجود آهي جڏهن ته ٺٽي ۽ بدين سميت افغان پناهگيرن جو هڪ وڏو انگ لاڙڪاڻي ۽ سکر سميت سنڌ جي تقريبن سمورن شهرن ۾ موجود آهي، جتي هڪ اڪثر ڪري غير قانوني سرگرمين ۾ ملوث رهن ٿا، سنڌ ان حوالي سان به بدقسمت آهي ته افغان پناهه گيرن کي سرڪاري طور تي نه ته پنجاب ۾ رهايو ٿو وڃي، بلوچستان ۾ ۽ نه ئي وري خيبر پختونخواهه ۾ جڏهن ته افغان پناهه گيرن جا اتي مٽ مائٽ ۽ رشتيدار به آهن، پر تنهن هوندي به اهي سمورا سنڌ اچي وارد ٿين ٿا.

سنڌ جي وڏي وزير،  وزيراعظم جي افغان عوام کي پناهه لاءِ اجازت ڏيڻ وارن اطلاعن تي انتهائي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو آهي، جڏهن ته هُن ڪراچيءَ جي مواڇ ڳوٺ ۾ دهشتگرديءَ جي هڪ واقعي تي پڻ ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ڪراچي پاڪستان جي دل آهي ۽ دشمن نه ٿو چاهي ته ڪراچيءَ ۾ امن هُجي، اسان ملڪ جي ٻين ادارن سان گڏجي ڪري مواڇ ڳوٺ جي دهشتگرديءَ جي واقعي جو جائزو وٺي رهيا آهيون ۽ جلد ئي دهشتگردن تائين پهچي وينداسين.

افغان عوام کي پاڪستان ۾ پناهه ڏيڻ وارن اطلاعن تي، اسان سمجهون ٿا ته نه صرف سنڌ جي وڏي وزير پر ملڪ جي سموري ساڃاهه وند عوام جي ڳڻتي انتهائي واجب آهي جن جو چوڻ رڳو اهو آهي ته افغانستان هاڻي هڪ آزد ملڪ آهي تنهنڪري افغان عوام کي پنهنجي آزاد ملڪ ۾ هجڻ گهرجي ۽ اتان جي حڪمرانن جي قائم ڪيل حڪومت کي دل جي حضور سان تسليم ڪرڻ گهرجي يا وري گڏجي ڪري ان کي رد ڪرڻ گهرجي، ان کان سواءِ ٽيون ڪوبه رستو نه آهي، اسان به ان ئي موقف جا آهيون ته افغانستان ۾ هڪ حڪومت موجود آهي جن جي سربراهن پنهنجن اهڙن شهرين لاءِ عام معافيءَ جو اعلان ڪيو جيڪي ماضيءَ ۾ سندن خلاف به سرگرم رهيا آهن، جڏهن ته هاڻوڪي افغان قيادت پرڏيهي دنيا خاص ڪري پاڪستان ۾ رهندڙ افغان عوام کي واپس اچي پنهنجي ملڪ جي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ چيو آهي، اهڙي صورتحال ۾  ملڪ جي اختيارين ۽ تحريڪ انصاف جي حڪومت لاءِ اهو الزام آهي ته هو سنڌ توڙي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رهندڙ افغان عوام کي انهن جي ملڪ ۾ موڪلڻ جو بندوبست ڪري ته جيئن سموري ملڪ سميت خاص ڪري سنڌ مان اهڙي ڳڻتيءَ جي لهر جيڪا افغان پناهگيرن ڪري موجود آهي، ختم ٿئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.