پاڪستان جا خدشا، طالبان پابندي پيل ٽي ٽي پي بابت ڪميشن قائم ڪري ورتي

 

ڪابل(ويب ڊيسڪ) طالبان جي ڪابل تي قبضي کانپوءِ پاڪستان پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي کي افغانستان جي زمين پاڪستان خلاف استعمال ٿيڻ جي حوالي سان خدشا ظاهر ڪيا هئا.

ان حوالي سان طالبان سربراهه ملا هيبت الله اخوندزادا پاڪستان جي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي) بابت خدشن تي اعليٰ سطحي ڪميشن قائم ڪئي آهي.

پرڏيهي خابرو اداري موجب ملا هيبت الله جي هدايت تي پاڪستان جي پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي بابت خدشن تي 3 رڪني ڪميشن بڻائي وئي آهي جنهن ڪم به شروع ڪري ڇڏيو آهي.

پرڏيهي خابرو اداري جي ذريعن ان حوالي سان ٻڌايو ته طالبان ڪميشن طالبان پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جي اڳواڻن کي پاڪستان سان معاملا حل ڪرڻ ۽ پاڪستاني حڪومت طرفان عام معافي جي صورت ۾ ڪٽنبن سميت واپس وڃڻ جي زور ڏنو آهي.

ان حوالي سان هن وقت تائين پاڪستان ۽ افغان طالبان ڪنهن به قسم جو بيان جاري ناهي ڪيو.

ٻئي پاسي پرڏيهي آفيس جي ترجمان زاهد حفيظ چوڌري به جمعي تي ٿيندڙ هفتيوار بريفنگ ۾ ٻڌايو ته پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي طرفان پاڪستان مخالف سرگرمين لاءِ افغان سرزمين استعمال ڪرڻ وارو معاملو اڳوڻي افغان حڪومت اڳيان به اٿاريندا رهيا آهيون.

واضح رهي ته افغانستان جي گادي واري هنڌ ڪابل تي قبضي کانپوءِ طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد پريس ڪانفرنس ڪئي هئي ۽ چيو هو ته افغان سرزمين ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.