ٺٽو: ماهيگيرن جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ اڳواڻ محمد علي شاهه لاڏاڻو ڪري ويو

ٺٽو: ماهيگيرن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ فشر فوڪ فورم جو چيئرمين سيد محمد علي شاھ لاڏاڻو ڪري ويو. ڪراچي جي ضياءُ الدين اسپتال ۾ هڪ مهيني کان وٺي داخل سيد محمد علي شاھ نيٺ اسان کان وڇڙي ويو. سنڌ جي ماهيگيرن، سنڌو درياءُ جي پاڻي ۽ ڊيلٽا لاءِ جدوجهد ڪري تاريخ رقم ڪندڙ سيّد محمد علي شاھ جي لاڏاڻي جي تصديق سندس خانداني ذريعن ۽ فشر فوڪ فورم جي اڳواڻن پڻ ڪئي.فشر فوڪ فورم جي چيئرمين سيد محمد علي شاھ جي لاڏاڻي جي خبر ٻُڌندي ئي سڄي سنڌ ۾ سوڳ واري فضا ڇانئجي ويئي. لاڏاڻو ڪري ويل سيّد محمد علي شاھ جو مڙھ سندس گهر منتقل ڪيو ويو، اڄ رات عشاء نماز بعد ابراهيم حيدري مان سندس جنازو تدفين لاءِ کنيو ويندو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ فشر فوڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاھھ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو آھي. ھن وڌيڪ چيو ته مرحوم محمد علي شاھ جون ماھيگيرن لاءِ خدمتون سدائين ياد رکيون وينديون. وڏي وزير سيد مراد علي شاھ مرحوم محمد علي شاھ جي مغفرت، بلند درجات ۽ گھروارن کي صبر عطا ڪرڻ لاءِ دعا ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.