سنڌ ۾ امن امان لاءِ وفاق، سنڌ سرڪار سان گڏ ڪم ڪري

ايڊيٽوريل

تحريڪ انصاف جي وفاقي حڪومت سنڌ ۾  امن امان آڻڻ، ڌاڙيل راڄ جي خاتمي ۽ منشيات جي روڪ لاءِ وفاقي ادارن کان مدد وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اهڙو فيصلو وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ ”سنڌ اسٽريٽجيڪ ڪميٽيءَ“ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ گورنر سنڌ عمران اسماعيل، شاهه محمود قريشي، اسد عمر، حليم عادل شيخ، چيف آرگنائيزر سيف الله نيازي، عامر ڪياني ۽ تحريڪ انصاف جي سنڌ مان سينيٽر سيف الله ابڙي شرڪت ڪئي آهي، اجلاس ۾ سنڌ جي سياسي ۽ انتظامي صورتحال تي پڻ تفصيلي گفتگو ڪئي وئي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي سياسي ڪردار ۽ ان جي سرگرمين تي پڻ بحث ٿيو، اجلاس ۾ اسمگلنگ، منشيات ۽ بدامني جي روڪ لاءِ وفاقي حڪومت جي ڪردار ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهو به فيصلو ڪيو ويو ته وزيراعظم عمران خان جلد سنڌ جو دورو  ڪندو.

سنڌ ۾ بدامني، منشيات جي اسمگلنگ، وڪرو ۽ واهپو، ڌاڙيلن جو آزار،  ڪا اڄ جي ڳالهه نه آهي، آمر جنرل ضيا جي دور کان وٺي سنڌ ۾ بدامنيءَ جو راڄ جهڙوڪر هٿ سان قائم ڪيو ويو، جنهن لاءِ ڌاڙيل فيڪٽر انتهائي موثر ڪردار ادا ڪيو، جنرل ضياء جي دور ۾  اها به ان جي وفاقي حڪومت جي پاليسي هُئي ته سنڌ کي بدامنيءَ جي باهه جي اوڙاهه ۾ اڇلي ڇڏيون  جيئن سنڌي عوام آمريت خلاف جدوجهد ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري نه سگهي، اهو ئي سبب آهي جو سنڌ ۾ ڌاڙيل فيڪٽر کي هٿ سان پيدا ڪيو ويو، انهن کي هٿيار، بارود ۽ ٻي لاجسٽڪ سپورٽ فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته انهن ڏينهن ۾ عوام ڌاڙيل فيڪٽر خلاف جيڪي به پرامن احتجاج ڪيا تن کي وري  طاقت جي زور تي چٿيو ويو، سنڌ ۾ منشيات، انتهائي خوفناڪ ۽ خطرناڪ هٿيار افغان جنگ جي ڪري ئي داخل ٿيا، جڏهن ته منشيات خاص ڪري هيروئن پڻ جنرل ضيا جي دور ۾ ئي سنڌ جي رڳن ۾ داخل ڪئي وئي، اهڙي نموني منشيات، بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ سنڌي سماج کي گوڏن ڀر ويهاري ڇڏيو جنهن ڪري هزارن جي انگ ۾ سنڌي گهراڻا تباهه ٿيا ۽ لکن جي انگ ۾ ماڻهو هيروئن جهڙي نشي جي ور چڙهي مري کپي ويا، پر انهن جو ڪو  فرياد داخل نه ٿيو، سنڌ ۾ بدامني، ڌاڙيل راڄ ۽ منشيات سميت هٿيارن جي اسمگلنگ اڄ تائين جاري آهي ۽ سنڌ اڄ تائين بدامنيءَ جي باهه ۾ سڙي رهي آهي، ان کان سواءِ سنڌ جنهن ٻئي عذاب کي منهن ڏئي رهي آهي اهو آهي، سنڌ ۾ڌارين جي انتهائي وڌندڙ آبادڪاري خاص ڪري افغان مهاجرن جي آبادڪاري جنهن جي ڪري سنڌي سماج جا بخيا به اڊڙي ويا آهن.

سنڌ ۾ سماجي بهتري لاءِ ڪيترن ئي شعبن ۾ وفاقي حڪومت ۽ ادارن جي ڪردار ادا ڪرڻ متعلق جيڪو وزيراعظم جي صدارت هيٺ فيصلو ٿيو آهي، اهو پنهنجي جاءِ تي معمول جي سرگرمي آهي، پر اهڙي فيصلي کان اڳتي وڌي جيڪا ” سنڌ اسٽريٽيجيڪ ڪميٽي“ جوڙي وئي آهي، جنهن کي اصل ۾ اهو سمورو ڪم ڪرڻو آهي، اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي غير معمولي آهي، جتان صوبن ۽ وفاق جي اختيارن وچ ۾ تضاد ۽ ٽڪراءَ پيدا ٿيڻ شروع ٿئي ٿو، اها پنهنجي جاءِ تي هڪ حقيقت آهي ته سنڌ ۾ امن امان آڻڻ، منشيات جي روڪ ۽ ڌاڙيل راڄ کي ختم ڪرڻ جو عمل سنڌ حڪومت جو آهي، امن امان جي قيام لاءِ سنڌ ۾ پوليس فورس موجود آهي، منشيات جي روڪ لاءِ اينٽي نارڪوٽڪس ڊيپارٽمينٽ موجود آهي، پر افسوس جي  ڳالهه اها آهي ته سنڌ حڪومت ان ڏس ۾ ڪو فعال ڪردار ادا ڪري نه سگهي آهي، جنهن ڪري وفاقي حڪومت کي بظاهر اهڙو قدم کڻڻ جي ضرورت پيش ٿي آهي، سنڌ ۾ امن امان جو قيام هُجي، منشيات جي روڪ هُجي يا وري اهڙا ٻيا ڪي مسئلا هجن اها به پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته وفاقي حڪومت به پنهنجو ڪردار موثر نموني ادا ڪري نه سگهي آهي، منشيات ۽ هٿيار افغانستان ۽ خيبر پختون خواهه جي علائقن مان اچن ٿا جڏهن ته وچ ۾ وفاقي ادارن جون ڪيتريون ئي چونڪيون آهن جتي انهن جي روڪ نه ٿي ٿئي ته پوءِ سنڌ ۾ داخل ٿيڻ بعد انهن جي روڪ ڪهڙي منطق تحت ڪئي ويندي، سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ اڄ به سنڌي سماج کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ لاءِ هڪ هٿيار طور تي استعمال ڪيو وڃي ٿو، جيڪڏهن سگهارون ڌريون، انهن کي خطرناڪ هٿيار فراهم ڪندڙ انهن مان هٿ ڪڍن ته ڌاڙيل پنج ڏينهن به هلي نه سگهندا.

اسان وفاقي حڪومت جي اهڙي فيصلي جي نه ته مخالف ڪنداسين ۽ نه ئي حمايت ڪنداسين، سنڌ حڪومت  جي ڪارڪردگي ڪهڙي به خراب هُجي، اهو سنڌ حڪومت جو  استحقاق آهي ته پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جيڪڏهن نه ٿي ڪري ته اهو حق سنڌ جي عوام کي ئي آهي ته اهو انهن کي اقتدار مان ڪڍي ٻاهر ڪري، جڏهن ته وفاقي حڪومت جي مٿئين فيصلي مان اهو تاثر سگهارو ٿي رهيو آهي ته وفاقي حڪومت ” سنڌ اسٽريٽيجڪ ڪميٽي“ جي انتظام هيٺ سنڌ جي گورنر ۽ سنڌ مان چونڊيل پنهنجن ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز معرف سنڌ ۾ هڪ  ”ڊيفيڪٽو حڪومت“ قائم ڪرڻ گهر ٿي، جيڪا ڳالهه مڪمل طور تي جمهوري عمل ۽ ڪردار جي منافي آهي.

هن موقعي تي اسان وفاقي حڪومت کي رڳو اها ڳالهه چونداسين ته سنڌ ۾ رڳو منشيات جي اسمگلنگ، بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ جا اشو بنيادي نه آهن، پر سنڌ جي بنيادي مسئلن ۾ سنڌ ۾ ڌارين جي آمد خاص ڪري افغان پناهه گيرن جي آمد، سنڌ مان قومي ۽ صوبائي اسيمبلين ۾ پي ٽي آءِ  جي چونڊيل ميمبرن جو سنڌ ۽ سنڌي دشمن ڪردار، ڪراچيءَ جي لساني جماعت کي پي ٽي آءِ جي قيادت پاران ملندڙ  سپورٽ، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي وفاقي ڪابينا ۾ ويٺل اردو ڳالهائيندڙ وفاقي وزيرن جي سنڌ دشمني، ڪراچيءَ جي ترقياتي منصوبن لاءِ وفاقي حڪومت پاران فنڊ جاري نه ٿيڻ، سنڌ حڪومت کي اين ايف سي ايوارڊ جو پورو حصو نه ڏيڻ ۽ ان جهڙا ٻيا انيڪ مسئلا آهن جن جو سبب وفاق، وفاقي اختياريون ۽ وفاقي ادارا آهن، بهتر ٿيندو ته سنڌ متعلق تحريڪ انصاف دوستيءَ وارو رويو اختيار ڪري ۽ سياست کي جمهوري نظر سان ڏسي ۽ آمريتي روين ۽ عملن جهڙا فيصلا نه ڪري، سنڌ حڪومت جهڙي به آهي هڪ جمهوري حڪومت آهي، صوبائي معاملن هلائڻ ان جو ڪم آهي وفاق جي ذميواري صوبن جي مدد ڪرڻ آهي، صوبائي حڪومتن کي باءِ پاس ڪري صوبن جي صوابديد جا فيصلا ڪرڻ نه آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.