صحرا جي صدا:شڪيلا نون اڀرندڙ خوبصورت ڳائڻي

تحرير: خانزادي ڪپري

سنڌ اھا زرخيز ڌرتي آھي، جيڪا ڪڏهن به سنڍ ناهي ٿي، هر دور ۾ سنڌي قوم کي خوبصورت شاعر، اديب، محقق، قانون دان ۽ بھترين راڳي ڏنا آهن.  جن جي تخليق جو محور سنڌ رهي آهي، انهن سنڌ جي سونھن، سڀيتا، خوشي، درد ۽ فراق کي لکيو ۽ ڳايو آهي، انهن جي تخليق جي حسناڪين جا رنگ سنڌ جي فطري خوبصورتي جو مظهر آهن۔ انهن رنگن ۾ هڪڙو رنگ ٿر به آهي.

جنهن جو آئون ذڪر ڪريان پئي ماروي جي ديس ملير جي، جتي ٿر جي ڀٽن جي هنج ۾ تخليق مورن جيان رقص ڪري ٿي، هرڻين جي ڇالن وانگر ڇالون ڏئي ٿي، انهيءَ خوبصورت ٿر جي هن دل لڀائيندڙ چوماسي چري مند ۾ جتي فطرت جا نوان رنگ نکري نروار ٿي رهيا آهن. اتي ٻاٻيها ٿا ٻولين، گيت ۽ سنگيت جون تارون وڄن ٿيون، موهن ڀڳت، مراد فقير، مائي ڀاڳي، صادق فقير، رجب فقير،  شنڪر ڀڳت،نزاڪت فقير جهڙن سنڌ ملوڪ سهڻن ٿري راڳين جي راڳ جا آلاپ اڄ به دنيا ۾ گونجن ٿا، انهن سرن ۾ اڄ ٿر جي اڀرندڙ فنڪارا شڪيلا نون جي آواز جي اڏام سندن تخليقي ڏات جي گواهي آهي.

ڀلي ڄائي ماروي، جنھن مارو ملهايا!

ٿر جي خوبصورت ڳائڪ  شڪيلا نون، جنھن جو تعلق ٿر جي ڳوٺ ”سينگاريو نون“ سان آھي، جيڪو تعلقي اسلام ڪوٽ ۾ واقعي آھي،  شڪيلا جو والد پرائمري اسڪول استاد آھي. سندس 4 ڀينرون آھن، پاڻ تعليم ٻارهين درجي تائين  حاصل ڪئي، شڪيلا کي ڳائڻ جو شوق ننڍپڻ کان وٺي ھيو، هو پنهنجي گهر ۾ ڪلام جهونگاريندي هئي، سندن چوڻ هو ”پڙهائي دوران اسڪول ۾ ٿيندڙ پروگرامن ۾ حصو وٺندي ھئس، قومي ترانو حمد نعت ڳائيندي ھيم، آھستي آھستي وڌيڪ موسيقي ۾ دلچسپي وڌندي ويئي ايئن باقائده ڳائڻ لڳس. هن وقت شڪيلا نون جو هڪڙو ڪلام سوشل ميڊيا تي تمام گھڻو وائرل ٿيو آهي، جيڪو هن جي خوبصورت آواز جي شاهدي ڏي ٿو.

دلڪش ھر منظر آ، ڄڻ سارو سونھن نگر آ!

اهڙو منهنجو ٿر آ!

هن ڪلام جو شاعر ارشاد ڀٽي آهي، هن ڪلام کي صادق فقير جهڙي خوبصورت فنڪار به ڳايو هو ۽ ٻين فنڪارن به ڳايو آهي، شڪيلا نون، سکيا ورتل ڳائڻي ڪونهي، تنهن باوجود هن واهه جو نڀاءُ ڪيو آهي، شڪيلا نون جو وڌيڪ چوڻ آهي مان پنھنجي بابا کان سکيا وٺي رهي آهيان، سوشل ميڊيا وارن انٽرويوز ڪيا آهن، مون کي وڏي عزت ۽ پذيرائي ملي آهي، هن جو چوڻ آهي ته سنڌ ۽ ملڪي سطحي مختلف فورمن ۽ ٽي وي چئنلز تي فن جو مظاهرو ڪريان.

هن اپيل ڪندي چيو ته منھنجي وڌيڪ سکيا ۽ موقعو ڏيڻ لاءِ مدد ڪئي وڃي، ته جيئن آئون پنهنجي آواز ذريعي ٿر، سنڌ ڌرتي ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهان. شڪيلا جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سندس مزاحمتي انقلابي شاعري ڳائڻ جو شوق آھي۔ مون کي موسيقي سان وڌيڪ لڳاءُ  انڪري به آھي جو ترڪي ۾ 288 ڏينھن بک ھڙتال تي ويٺل ھيلن بولڪ جنھن پنھنجي آواز راڳ فن کي ھڪ مقام ڏيڻ ٿي چاھيو ۽ انهن ڏينھن۾ پنھنجي فن کي ھڪ جدا ۽ منفرد قسم جي افاديت ڏيارڻ لاءِ جدوجھد ڪندي شھيد ٿي وئي!  مون ۾  خود اعتمادي انهيءَ کانپوءِ وڌي ۽ هاڻي مان پنھنجي ٽيلنٽ کي ماڻھون تائين پھچائڻ چاهيان ٿي۔ جيڪڏهن ھيلن پنھنجي فن لاءِ جدوجھد ڪري سگھي ٿي ته مان ڇو نه ٿي ڪري سگهان؟  ھيلن موسيقي تان قربان ٿي وئي، هوءُ ھر سُر ۽ راڳ ۾ زنده آهي ۽ هميشه رهندي!  ھر ڳائڪ جي سر ۽ آلاپ ۾ رهندي۔ جيستائين موسيقي ۽ آواز رهندو تيستائين هيلن دنيا ۾ رهندي. موسيقي روح جي غذا آهي، انساني اندروني ڪيفيتن جو اظهار آهي.

شڪيلا جو چوڻ هو ته منھنجي سنڌ ثقافت کاتي کي اپيل آهيته منھنجي سپورٽ ڪئي وڃي ته جئين مان ڪنھن وڏي سطع تي ڪنھن پليٽ فورم تي اچي پنھنجي فن کي متعارف ڪرائي سگهان. شڪيلا نون جو تعلق پٺتي پيل علائقي ٿر سان آهي، ٿر علم، ادب، شاعري، تهذيب، ثقافت ۽ ڳائڪي ۾ شاهوڪار خطو آهي، سنڌ هونئن به تخليق جي ماءُ آهي بس رڳو تخليقڪارن کي موقعو ملڻ گهرجي۔ حڪومت اهڙن ڪردار جي مدد ڪري ۽ حوصلا افزائي ڪري ته جيئن اهي پنهنجي تخليقي صلاحيتن کي وڌائي سگهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.