درازا ۾ 7 ورهين کان ڊسپينسري بند، احتجاج

راڻيپور(ن ع آ) سچل جي ديس درازا شريف ۾ گذريل 7 سالن کان ڊسپينسري بند پيل آھي جنهن جي ڪري بلنڊنگ لاوارث بڻجي چڪي آھي  ۽ ڪيترين ئي بيمارين ڦهلجڻ جو خطرو ھئڻ ڪري ڳوٺاڻن سيد پياس علي شاھ، منصور چانڊيو، نذير راڄپر، سيد زاھد شاھ، امتياز راڄپر، نذير ڀٽي، عبدالغفار راڄپر، اشرف علي منهاس، اظهر راڄپر ۽ ٻين جي اڳواڻي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. ان موقعي تي مظاھرين انٽرنيشنل پريس ڪلب راڻيپور جي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته درازا شريف ۾ ھڪ ڊسپينسري موجود آھي جيڪا انتظاميه جي بي ڌياني سبب گذريل 7 سالن کان بند پيل آھي، اسان ڪيترائي دفعا انتظاميا کي آگاهه ڪيو آھي پر ٻڌي اڻ ٻڌي ڪئي وئي آھي، جنهن جي ڪري اسانکي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو آھي، درازا شريف 10 ھزار گهرن تي مشتمل ڳوٺ آھي، پر ھتي اسپتال جي سهولت نه ھئڻ ڪري ڪيتريون ئي بيماريون جنم وٺي رھيون آھن ۽ موجودا صورتحال ۾ ڪرونا وائرس جهڙي خطرناڪ بيماري جي ڦهلجڻ پڻ انديشو ٿي رھيو آھي. ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته اسپتال نه ھئڻ ڪري ڪجهھ ڏينهن ارڙي جهڙي خطرناڪ بيماري ھتي گهر ڪري وئي ھئي، جنهن جي ڪري 2 معصوم ٻارڙا جانيون وڃائي ويٺا ھئا ۽ ڪيترا ئي ٻارڙا ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا ھئا، اسان جي اعليٰ اختيارين کان گهر آھي ته بند پيل ڊسپينسري کولرائي ڊاڪٽرن جو عملو مقرر ڪري ڳوٺاڻن مان بيچيني ختم ڪئي وڃي نه ته ٻي صورت ۾ درازا شريف کان احتجاجي تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.