انساني حقن جي علمبردار نيلسن منڊيلا جو پوٽو ب ڪشميرين جو آواز بڻجڻ لڳو

ڪيپٽام(ويب ڊيسڪ)ڪشميرين جي استحصال واري ڏهاڙي تي دنيا جي عظيم انسان ڏکڻ آفريڪي جي اڳوڻي صدر نيلسن منڊيلا جو پوٽو به انسانيت واري جذبي سان ڪشمير ۾ ظلمن خلاف آواز بڻجي پيو.

پنهنجي جاري ڪيل هڪ پيغام ۾ مينڊيلا منڊيلا مطالبو ڪيو ته ڪشمير ۾ ڪشميرين جي نسل ڪشي ختم ڪئي وڃي.

پنهنجي پيغام ۾ نيلسن منڊيلا جي پوٽي مينڊيلا منڊيلا چيو ته ڪشميري عوام جي جدوجهد اسان جي جدوجهد آهي ، ڀارت کي انسانيت خلاف ڏوهن جي نتيجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻ گهرجي.

مينڊيلا منڊيلا چيو ته ڏکڻ آفريڪا جا ماڻهو ڪشميرين کي امن ۽ سلامتي جو پيغام ڏين ٿا ، دنيا جون سڀئي امن پسند قومون ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهن، اسان ڪشميرين سان سندن يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا انهن جي حق خوداراديت ۽ انصاف جي جدوجهد ۾ ساڻ گڏ آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.