ويزا بابت درخواست رد ٿيڻ مان ثابت ٿي ويو ته نواز شريف بيمار ناهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)اطلاعات کاتي جي وفاقي وزير فواد چوڌري برطانيا ۾ نواز شريف جي ويزا بابت ڏنل درخواست رد ٿيڻ تي چيو آهي ته اها ڳالهه ثابت ٿي وئي آهي ته بيمار ناهي، ان ڪوڙ ڳالهائي ويزا ورتي ۽ ان ويزا تي هو برطانيا ۾ رهائش اختيار ڪري ويٺل هو.

فواد چوڌري پنهنجي بيان ۾ چيو ته پاڪستان جي حڪومت، عوام ۽ پاڪستاني ڪميونٽي جو برطانيا جي حڪومت کان مطالبو هو ته اهڙن ماڻهن کي پناهه نه ڏني وڃي جيڪي اربين رپين جي ڪرپشن ۾ملوث هجن، نواز شريف وٽ آپشن آهي ته اهو پاڪستان جي سفارتخاني وڃي پاسپورٽ جي جاءِ تي عارضي دستاويز حاصل ڪري پاڪستان واپس اچي ۽ عدالتن ۾ اچي ڪيسن سان منهن ڏئي.

هن جو چوڻ هو ته ٻيو آپشن اهو آهي ته جيڪڏهن هو ان فيصلي جي خلاف اپيل ۾ وڃي ٿو ته وٽس ڪو به گرائونڊ موجود نه آهي، نواز شريف جهڙي طريقي سان برطانيا ۾ گهمي ڦري رهيو آهي ۽ ريسٽورنٽس ۾ وڃي رهيو آهي ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته هو بيمار ناهي، ويزا ۾ واڌ واري درخواست لاءِ جيڪڏهن هو هڪ ڪوڙ هڻندو ته برطانيا جي عدالتن مان انکي سزا به ملي سگهي ٿي.

وفاقي وزير جو وڌيڪ چوڻ هو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي نواز شريف سان ڪا ذاتي دشمني ناهي، نواز شريف پاڪستان مان اربين رپيا کڻي ٻاهرين ملڪ فرار ٿي ويو آهي، اهو پيسو واپس پاڪستان اچڻ ضروري آهي، نواز شريف ملڪ واپس اچي، لٽيل دولت واپس ڪري ۽ هتي پنهنجي گهر ۾ رهي، ٻئي صورت ۾ يا به پيسا واپس ڪندو ۽ جيل ۾ رهندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.