ٽنڊي الهيار ۾ ڪجهه مهينا اڳ پرڻيل ناري قتل، ساهرن تي الزام، لاش رکي ڌرڻو

ٽنڊوالهيار (رپورٽ:خميسو دائوداڻي)  ٽنڊوالهيار شهر جي منصور ڪالوني ۾ فردوس زال غلام شبير گوپانگ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جنهن جو وارثن سهرن تي الزام هڻي لاش سول اسپتال آڏو رکي ڌرڻو هنيو. ڌرڻي  سبب گاڏين جون قطارون لڳي ويون ان موقعي تي ناري جي ڀاء عبدالله گوپانگ ۽ دلبر گوپانگ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته سندس ڀيڻ جي ڪجهه مهينا اڳ مامي جي پٽ غلام شبير گوپانگ سان شادي ڪرائي هئي ڪجهه وقت بعد هنن فردوس کي ڇڏي ڏنو جنهن بعد کيس مارڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هئا. هن الزام هنيو ته سندن ڀيڻ کي مامن گهر ۾ گهڙي گوليون هڻي قتل ڪيو آهي جوابدار گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ڌرڻي ۾ ڊي ايس پي سٽي سيد عرفان شاه پهچي جوابدار گرفتار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. مقتول ناري جي ڀاء دلبر گوپانگ جي فرياد تي اي سيڪشن ٿاڻي تي چئن ڄڻن غلام عباس گوپانگ، مصطفي عرف ڏاڏو گوپانگ، الهبچايو گوپانگ ۽ فاروق گوپانگ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.