خالقڏنو هال ۾ 24 ڪلاڪ ويڪسينيشن جو انتظام

ڪراچي (رپورٽر) ڪورونا  کان بچاءٌ لاءِ سروسز اسپتال پاران خالقڏنوهال ۾ ويڪسينيشن جو انتظام ڪيو ويو آهي ان ڏس ۾ انچارج  جو چوڻ آهي ته هي سينٽر 24 ڪلاڪ ڪم ڪري رهيو آهي ۽ اسان جي ڪوشش آهي کي وڌ کان وڌ ماڻهن کي سهوليتون ڏيون، خبر موجب ڊاڪٽر سيد فرحت عباس انچارچ خالق ڏنو هال عوامي آواز سان ڳالهائيندي وڌيڪ  چيو ته سينٽر تي هر ڏينهن 20 ھزار کان وڌيڪ ماڻهو کي ويڪسين ڪئي پئي وڃي ھن وقت تائين اڍائي لک کان وڌيڪ ماڻهن کي ھن سينٽر تي ويڪسين ڪئي وئي آهي پر هتي ايس او پيز جو خيال نٿو رکيو وڃي اسان وٽ پوليس جو عملو ايس پي او تي  عمل ڪرائڻ ۾ پڻ ناڪام آهي هڪ سوال جي جواب ۾ انچارج خالقدينا هال ۽ اسان وٽ ڪوروناوائرس جي بچاءَ واريون سموريون ويڪسين موجود آهن مريض جي چڪاسڻ کانپوءِ ويڪسين ڪئي پئي وڃي موڊرنا ويڪسين  97 سيڪڙو ڪورونا کان بچاء جو ڪم پئي ڪري جڏهن ته  سائنو فارم ۽ سائنوويڪ 94 سيڪڙو بچاء جو ڪم پئي ڪري فائزر ويڪسين ٻاھرين ملڪ سفر ڪندڙن لاءِ آهي ڊاڪٽر سيد فرحت عباس  عوامي آواز سان ڳالهائيندي  وڌيڪ چيو ته  اين سي او سي جي مطابق جيڪي ڪورونا جا مريض  صحتياب ٿين ٿا  اھي گھٽ گھٽ ۾ مھينو وڌ کان وڌ ٽن مھينن بعد  ويڪسين ڪرائن ۽ اين سي او سي  پاران  ڳورھاري عورتن کي به ويڪسين لڳائڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي جنهن جا ڪنهن به قسم جا نقصان ناھن ھن وڌيڪ چيو ته عوام کي گھرجي ته نظم و ضبط جو مظاھرو ڪري سماجي فاصلو رکي ڪوروناوائرس کي شڪست ڏين، ويڪسين لڳائيندڙن عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو ته خالق ڏنو هال ۾ بهترين انتظام آهي، پر نادرا  سبب اسان کي ڏکيائي ٿي رهي آهي ۽ ويڪسين کانپوءِ ماڻهن جو خيال غلط آهي ته طبيعت خراب ٿيندي آهي اهڙي قسم جي ڪا ڳالهه نه آهي،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.