هر شيءِ مهانگي ڪري به حڪومت جون دانهون بند نه ٿيون ٿين: شهباز شريف

لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته اٽي، کنڊ، دال، گيهه، دوائن ۽ بجلي سميت هر شيءِ مهانگي ڪرڻ جي باوجود به حڪومت جون دانهون بند نه ٿيون ٿين.

مهانگائي جي حوالي سان پنهنجي بيان ۾ مسلم ليگ ن جي صدر شهباز شريف چيو ته حڪومت کي تنبيهه ڪيان ٿو ته عوام تي وڌيڪ مهانگائي جو بار نه وڌو وڃي، آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪندي بجلي، گئس ۽ ٻين شين جا اگهه وڌائي عوام تي وڌيڪ ظلم نه ڪيو وڃي.

شهباز شريف چيو ته حيرت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت قرضن مٿان قرض کڻندي پئي وڃي، مهانگائي وڌائيندي پئي وڃي، عوام ۽ عالمي مالياتي ادارن طرفان مليل پئسو آخر ڪيڏانهن پيو وڃي ۽ ڪٿي خرچ پيو ٿئي؟، عام واهپي جون سڀ شيون مهانگيون ڪيون ويون آهن پوءِ حڪومت جون دانهون بند نه ٿيون ٿين.

قومي اسيمبلي ۾مخالف ڌر اڳواڻ جو چوڻ هو ته ملڪ ۾ ايندڙ ٽن مهينن کان ملڪ ۾ مهانگائي جو نئون طوفان اچڻ وارو آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس جون حڪومتي دعوائون ختم ٿي ويون آهن، هلندڙ مالي سال جي پهرين مهيني ۾ ئي واپاري خسارو 81.4 سيڪڙو تائين وڌي ويو، ڊالر جي قيمت مٿي ۽ رپئي جو قدر مسلسل هيٺ وڃي رهيو آهي. گذريل مالي سال جي 3.7 ارب ڊالرن جي مقابلي ۾ گذريل مهيني 5.4 ارب ڊالر امپورٽس ٿيون.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته عوام تي هر مهيني ۽ هر هفتي مهانگائي جي قيامت برپا ڪندڙ اڃا ڪيترو ظلم ڪرڻ چاهين ٿا، ظلم جي ان نظام ۾ عوام جي اندر ۾ باهه ٻري رهي آهي، اها ٻاهر نڪتي ته سڀ ڪجهه ساڙي ڇڏيندي. حڪومتي پاليسين غريب عوام کي فاڪا ڪشي تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. مهانگائي ايتري وڌائي وئي آهي جو ماڻهن جو زندگيون دوزخ بڻجي ويون آهن.

هن چيو ته حڪمرانن جي دل ۾ غريب ماڻهن جي لاءِ نه ڪا رحم جي زري آهي ۽ نه ئي وري ذهن ۾ ڪو احساس آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.