سنڌ ۾ محبت ۽ رواداري وارو سماجي انقلاب آڻڻ چاهيون ٿا: خالد مقبول

ڪراچي (پ ر)متحده قومي موومينٽ جي اڳواڻ خالد مقبول صديقي چيو آهي ته ملڪ جي عالمن ۽ دانشورن سان گڏجي ملڪ خاص طور سنڌ صوبي ۾ محبت، رواداري وارو سماجي ۽ سياسي انقلاب آڻڻ ٿا چاهيون، اهل حديث اتحاد ڪائونسل پاڪستان جي صدر موالانا  جميل اظهر سان ملاقات دوران خالد مقبول وڌيڪ چيو ته يوسي ۽ ضلعي سطح کان ويندي صوبائي  سطح تي هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻ ٿا چاهيون، ان موقعي تي مولانا جميل اظهر چيو ته هاڻي بار بار آزمايلن کي وري آزمائڻ جو وقت ختم ٿي چڪو آهي، هاڻي ملڪ جي عوام جي حقيقي ترجماني ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، ان موقعي تي اڳوڻو صوبائي وزير عبدالحسيب خان به موجود هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.