”جنسي زيادتي جي جوابدارن کي سري ڦاهي ڏيڻ لاءِ اتفاق راءِ ضروري آهي“

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي اڳواڻ سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته جنسي زيادتي ڪندڙن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ لاءِ اتفاق راءِ ضروري آهي.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ سينيٽر فيصل جاويد چيو ته ٻارڙن سان زيادتي ڪندڙن کي سرعام ڦاهي ڏيڻ تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ضروري آهي.

هن جو چوڻ هو ته ٻارڙن ۽ عورتن سان زيادتي ڪندڙ انسان نه پر وحشي درندا آهن.

سندس چوڻ هو ته ٻارڙن سان زيادتي ڪندڙ وحشي درندن کي عبرتناڪ سزا ڏيڻ گهرجي. قانون سازي سان گڏ ان تي عمل ڪرڻ ۽ سزائون ڏيڻ به ضروري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.