پنجاب جي چئن ضلعن ۾ 31 آگسٽ تائين سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي سفارشن موجب پنجاب ۾ وڌيڪ ڪيسن واري 4 ضلعن ۾ 31 آگسٽ تائين لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي.

پنجاب جي صحت کاتي طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن لاهور، راولپنڊي، ملتان ۽ فيصل آباد ۾ لاڳو ٿيندو. ڄاڻايل ضلعن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون تحت ڇنڇر ۽ آچر تي سموريون ڪاروباري سرگرميون معطل رهنديون جڏهن ته سرڪاري ۽ خانگي آفيسون 50 سيڪڙو عملي سان گڏ ڪم ڪري سگھنديون.

نوٽيفڪيشن موجب آئوٽ ڊور ڊائننگ جي  ايس او پيز  تحت رات 10 هين وڳي تائين اجازت هوندي، آئوٽ ڊور شادي جي تقريبن ۾ 400 ڄڻن جي گنجائش سان گڏ رات جو 10 وڳي تائين اجازت هوندي جڏهن ته جمز ۾ رڳو ويڪسينيٽڊ ماڻهو ورزش لاءِ اچي سگھندا.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته سموري صوبي ۾ سياحتي هنڌن کي ايس او پيز موجب ڪم جي اجازت هوندي، سمورا انٽرٽينمينٽ مرز، تفريحي پارڪس ۽سوئمنگ پول مڪمل طور تي بند رهندا، ثقافتي ڏهاڙن ۽ اجتماعن تي مڪمل پابندي هوندي، پبلڪ ٽرانسپورٽ 50 سيڪڙو جي گنجائش سان هلائڻ جي اجازت هوندي، ٽرين سروس 70 سيڪڙو مسافرن سان جاري رهندي.

نوٽيفڪيشن موجب صنعت ۽ زراعت جي شعبن کي ڇوٽ حاصل هوندي، ميڊيڪل سروسز، فاميسيز، طبي صحت مرڪز سڄو هفتو 24 ڪلاڪ ڪم ڪري سگھندا، ميون، ڀاڄين جا دڪان، ڪڪڙ جو گوشت ۽ ميٽ شاپس، فوڊ ڊليوري ۽ اي ڪامرس سروسز سڄو هفتو 24 ڪلاڪ کليل رهندا جڏهن ته ڪوريئر سروسز، بجلي، گيس، انٽرنيٽ، سيلولر اينڊ ٽيلي ڪام ڪمپنيز، ڪال سينٽر، ميڊيا هائوسز، آٽو ورڪشاپس، آئل ڊپو ۽ منڊيون سڄو هفتو 24 ڪلاڪ کليل رهندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.