لاڙڪاڻي ۾ ايمبولنس ڊرائيورن جو اهلڪار تي تشدد مامرو، ميڙ منٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر جي سول لائين ٿاڻي جي حد ليڊيز جيل روڊ تي بلاجواز سائرن وڄائڻ واري معاملي تان خانگي ايمبولينس جيڊرائيورن پاران ٽريفڪ اهلڪار عرض محمد جتوئي کي سرعام مارڪٽ ڪري رتورت ڪرڻ واري معاملي جو ڪيس متاثر ٽريفڪ اهلڪار عرض محمد جتوئي جي فرياد تي حد جي سول لائين ٿاڻي تي گناهه نمبر 2021/59 قلم 250، 612، 353، 147، 337 اي آءِ، 504 پي پي سي تحت 5 سڃاتل ۽ ٻه اڻ سڃاتل خانگي ايمبولينس ڊرائيورن جيسر بوهڙ، ميوو خان، نور احمد بليدي، رياض جمالي، لال ڏنو سوهو ۽ ٻن اڻ سڃاتل جوابدارن مٿان داخل ڪيو ويو آهي. ان حوالي سان سول لائين ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جو ڪيس داخل ٿيڻ کان بعد ڪيس ۾ نامزد خانگي ايمبولينس ڊرائيورن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپن جو سلسلو جاري آهي تمام جلد کين گرفتار ڪيو ويندو،  هوڏانهن خانگي ايمبولينس ڊرائيورن پاران ٽريفڪ اهلڪار عرض محمد جتوئي کي سرعام روڊ تي مارڪٽ ڪرڻ جا سي سي ٽي فوٽيجز سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ کان پوءِ آءِ جي آفيس جي لاڳاپيل اختيارين معاملي جو نوٽيس ورتو، جنهن کان پوءِ اهڙي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ذريعن کان ڄاڻ ملي آهي نامزد خانگي ايمبولينس ڊرائيورن جي اڳواڻن طرفان متاثر ٽريفڪ اهلڪار عرض محمد جتوئي وٽ ميڙ منٿ قافلو کڻي آيا، جتي هنن ٽريفڪ اهلڪار کي گذارش ڪئي ته معاملي کي ڳالهين جي ذريعي حل ڪيو وڃي جنهن تي ٽريفڪ اهلڪار کين ڳالهين کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو بعد ۾ ميڙ منٿ قافلو واپس روانو ٿي ويو. ذريعن ڄاڻ ڏني آهي ته واقعي بعد سول لائين ٿاڻي جي پوليس خانگي ايمبولينس جي ڊرائيورن حمير بوهڙ، مظفر بليدي، لال ڏنو سوهو، نور احمد بليدي، عبدالباسط ملاڻو ۽ ٻين کي حراست ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو بعد ۾ ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي جي مداخلت تي ڪيس ۾ نامزد خانگي ايمبولينس ڊرائيورن کي آزاد پڻ ڪيو ويو هو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.