سکر ۾ پوليو مهم، ٽي لک ٻارن کي ڦڙا پياريا ويندا: ڊاڪٽر جميل

سکر ( رپورٽر ) ملڪ جي ٻين شھرن جيان سکر ۾ به پوليو مهم شروع ٿي وئي، ساڍا  ٽي لک ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پيئاريا  ويندا، ڊي ايڇ او سکر  ڊاڪٽر جميل احمد مهر جو اعلان، ڊي ايڇ او سکر جو چوڻ آھي ته سکر ضلعي ۾ پنج ڏينهن واري پوليو مهم شروع ڪئي وئي آھي، ڪرونا ايس او پيز کي فالو ڪندي صحت ورڪر گهر گهر وڃي پنج سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ وارا ڦڙا پيئارڻ لاءِ هڪ هزار ٽيمون جوڙيون آھن،.  جيڪي پهرين ٽن ڏينهن دوران گهر گهر پوليو کان بچاءُ وارا قطرا پيئريندا جڏهن ته باقي ٻن ڏينهن ۾ رهجي ويل ٻارن کي قطرا پيئاريا ويندا ته جيئن ڪوبه ٻار رهجي نه وڃي، سکر ضلعو گذريل پنج سالن کان پوليو فري گرين  ضلعن ۾ پهرين نمبر تي آھي ٻارن جي والدين کي پوليو ٽيمن سان ڀرپور تعاون ڪرڻ گھرجي۔

قمبر واسي کان موٽر سائيڪل ڦر

قمبر(ت ر)قمبر جي ڳوٺ راڌو خان مغيري ڀرسان مير محمد مغيري کان هٿيارن جي زور تي ٻن هٿياربندن سي ڊي موٽر سائيڪل  پنجاهه هزار روڪ ۽ موبائيل فون ڦر ڪري آساني فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع قمبر سٽي ٿاڻي تي ڏنو ويو، هنن ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ کي اپيل ڪئي ته ڦر ٿيل موٽر سائيڪل روڪ رقم موبائيل فون واپس ڪرائي وڃي.

شادي پلي: حادثو، 2 ڄڻا زخمي

شادي پلي(  ن ع آ ) شادي پلي ويجهو مين ميرپورخاص روڊ تي دعا هوٽل وٽ ميرپورخاص کان عمرڪوٽ ويندڙ ڪار ۽ موٽر سائيڪل  ۾ آمهون سامهون زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن سبب ٻه ڄڻا موٽر سائيڪل سوار 55 ورهين جو علي اڪبر پنجابي ۽ ڳوٺ بلوچ آباد جو رهواسي الهوارايو شر سخت زخمي پيا

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.