ساڍا 5 ارب رپين جو ٻوجهه عوام تي وڌو وڃي:ڪي اليڪٽر جي نيپرا درخواست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ بجلي جي ڪمپني ڪي-اليڪٽرڪ پنهنجي واهپيدارن تي 5 ارپ رپين جو ٻوجهه منتقل ڪرڻ جي درخواست ڪري ڇڏي.ڪي اليڪٽرڪ طرفان ڏنل هن ڇهن مهينن جي فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي درخواستن تي نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي (نيپرا) سڀاڻي ٻڌڻي ڪندي.نيپرا موجب ڪي اليڪٽرڪ جنوري کان جون 2021 جي فيول ايڊجسٽمينٽ ۾ واڌاري جي درخواست ڪئي آهي.ان درخواست ۾ چيو ويو آهي جنوري جي فيول پرچيز ايڊجسٽمينٽ تحت 1 رپيو 97 پئسا واڌ ڏني وڃي.نيپرا موجب فيبروري جي ايڊجسٽمينٽ جي تحت في يونٽ 2 رپيا 49 پيسا وڌائڻ جي درخواست ڏني وئي آهي.اهڙي ريت مارچ جي ايڊجسٽمينٽ تحت في يونٽ 1 رپيو 49 پيسا واڌ جي درخواست ڏني وئي آهي.اپريل جي ايڊجسٽمينٽ تحت في يونٽ 87 پيسا سستي ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي.مئي جي فيول پرچيز ايڊجسٽمينٽ ۾ في يونيٽ بجلي 64 پيسا سستي ڪرڻ جي درخواست ڏني وئي آهي.نيپرا موجب ڪي-اليڪٽرڪ جون جي ايجسٽمينٽ ۾ بجلي في يونٽ 21 پيسا مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڏني آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.