مني لانڊرنگ ڪيس، شهباز ۽ حمزه جي عبوري ضمانت ۾ 16 آگسٽ تائين واڌ

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي مقامي عدالت مبينا مالياتي اسڪينڊل ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 16آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي.

شهباز شريف ۽ حمزه شهباز پنهنجي خلاف ايف آءِ اي جي ڪيس ۾ ضمانت جي لاءِ بينڪنگ ڪرائم ڪورٽ ۾ پيش ٿيا.

ڊيوٽي جج ايڊيشنل سيشن جج حامد حسين ڪيس تي ٻڌڻي ڪئي.

ايف آءِ اي ضمانت واري درخواست تي پنهنجو لکت وارو جواب جمع ڪرايو جنهن ۾ ٻنهي جوابدارن جي پرڏيهه فرار ٿيڻ جو خدشو ظاهر ڪندي ضمانت خارج ڪرڻ جي اپيل ڪئي وئي.

لکت واري جواب ۾ ايف آءِ اي جو موقف هو ته ليگي اڳواڻ جاچ ۾ سهڪار نه پيو ڪري، عبوري ضمانت ۾ جيڪڏهن واڌ ڪئي ويندي رهي ته ڪيس جي جاچ مڪمل نه ٿي سگهندي.

ايف آءِ اي جو چوڻ هو ته هن 25 ارب رپين جي مني لانڊرنگ ڪئي جنهن جي لاءِ رمضان شگرملز کي استعمال ڪيو ويو.

ايف آءِ اي پنهنجي جواب ۾ ٻڌايو ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز رمضان شگر ملز جي گهٽ پگهار وارن ملازمن جي آڙ ۾ ڪوڙا بينڪ اڪائونٽس ٺاهيا، ڪوڙي اڪائونٽس جي تفصيل غريب اڪائونٽ هولڊر ملازمن جي اثاثن سان مطابقت نٿي رکي.

وفاقي جاچ اداري جو چوڻ آهي ته شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي ضمانت سان مرڪزي شاهدن کي خطرو ٿي سگهي ٿو.

ڪيس جي ٻڌڻي دوران شهباز شريف ۽ سندس وڪيل ٻڌايو ته قومي  اسيمبلي جو اجلاس آهي جيڪو 13 آگسٽ تائين جاري رهندو ان ڪري عدالت بعد جي ڪا تاريخ مقرر ڪري.

عدالت ٻنهي جي عبوري ضمانت ۾ واڌ ڪندي ٻڌڻي 16 آگسٽ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.