لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ ڳورهاري عورت فوت، وارثن جو احتجاج، پٽون پاراتا

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي شيخ زيد وومين اسپتال ۾ 25 سالن جي ڳورهاري عورت ۽ سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار فوت، وارثن ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي انصاف جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه  لاڙڪاڻي شهر جي خالق ڪالوني جي رهواسي پورهيت نوجوان عبدالقادر ڪنڀر پنهنجي ڳورهاري گهر واري صبا ڪنڀر کي طبي معائني جي لاءِ شيخ زيد اسپتال آندو جتي عورت ۽ سندس پيٽ ۾ پلجندڙ ٻار آپريشن کان اڳ ئي فوت ٿي ويا جنهن تي وارثن ڊاڪٽرن ۽ عملي مٿان غفلت جو الزام لڳائيندي اسپتال ٻاهريان احتجاجي مظاهرو ڪري ڊاڪٽرن ۽ عملي کي پٽون پاراتا ڏيندا رهيا. ان موقعي تي فوتي عورت جي مڙس عبدالقادر ڪنڀر صحافين کي ٻڌايو ته ڏيڍ سال اڳ منهنجي شادي صبا سان ٿي ۽ گهر واري 9 مهينن جي حمل سان هئي اڄ صبح جي وقت اوچتي سندس جي طبيعت خراب ٿي ان تي مون کيس طبي معائني جي لاءِ شيخ زيد وومين اسپتال آندو جتي ليڊي ڊاڪٽرن طبي معائنو ڪري ٻڌايو ته صبا کي بخار آهي کيس چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ مان علاج ڪرايو ان تي مون کيس چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪرايو. هن الزام لڳايو ته ايمرجنسي وارڊ ۾ ڊاڪٽرن گهر واري جو علاج ڪرائڻ بدران کيس شيخ زيد وومين اسپتال آپريشن جو مشورو ڏنو ان دوران کيس شيخ زيد وومين اسپتال داخل ڪرايو پر ڊاڪٽرن آپريشن نه ڪيو ۽ نه ئي کيس علاج ڏنو جنهن ڪري گهر واري ۽ سندس پيٽ ۾ پلجندڙ منهنجو معصوم گلن جهڙو ٻارڙو تڙپي تڙپي فوت ٿي ويا آهن. هن وڌيڪ الزام لڳائيندي چيو ته ڊاڪٽرن ۽ عملي منهنجي آباد ٿيل گهر کي اجاڙي گهر واري ۽ پٽ کي قتل ڪري مون سان ظلم ڪيو آهي. هن سنڌ جي وڏي وزير، صحت کاتي جي صوبائي وزير سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته گهر واري ۽ پٽ کي قتل ڪندڙ ظالم ڊاڪٽرن ۽ عملي خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن اطلاع تي حد جي سچل ٿاڻي جي پوليس پهچي وارثن کي خاطري ڪرائي جنهن تي فوتي عورت جي وارثن لاش ايمبولينس ذريعي کڻائي گهر روانا ٿي ويا جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.