پي ٽي آءِ، ارباب رحيم مان ڪهڙو فائدو وٺڻ گھري ٿي؟

تحرير: مسرور سيال

13ھن سالن کان سنڌ ۾ حڪمراني ڪندڙ پ پ خلاف مخالف ڌر هر دور ۾ چاھيو پئي ته پ پ حڪومت جي ڪمزورين کي ميڊيا تي وائکو ڪري عوام کي پنھنجي حمايت لاءِ آماده ڪري سنڌ حڪومت لاءِ پريشانيون پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب وڃجي ان لاءِ ھنن ڪيترن پ پ مخالف سياستدانن کي پارٽي ۾ شامل پئي ڪيو،  ايتري تائين جو ممتاز ڀٽو مرحوم پنھنجي فرنٽ پي ٽي آءِ  ۾ ضم ڪري ڇڏي ۽ چيو  پئي ويو ته کيس گورنر بڻايو ويندو پر کيس نظر انداز ڪيو ويو امير بخش ڀٽو کي پي ٽي آءِ  سنڌ جو صدر بڻايو ويو پر ھن سان گڏ ھلي نه سگھيا ، وزيراعظم جو مشير بڻايو ويو پر ترت اتان به الڳ ٿي ويو ۽ پي ٽي آءِ  سنڌ جي صدارت حليم عادل شيخ کي ڏني وئي جيڪو اڳ ن ليگ پوءِ  ق ليگ ، ھاڻ پي ٽي آءِ ۾ آھي،  کيس شميم فردوس نقوي کي ھٽائي سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر بڻايو ويو . جنھن تي پڻ پي ٽي آءِ  اندر  اختلاف موجود آهن .

ھوڏانھن وري  ن ليگ  جي دور ۾ سنڌ جو وڏو وزير رھندڙ ۽ مشرف دور ۾ وفاقي وزير رھندڙ لياقت علي جتوئي جيڪو به ن ليگ ڇڏي ق ليگ ۾ ويو ۽  وري ن ليگ جي وفاق ۾ حڪومت اچڻ کان پوءِ ن ليگ ۾ شامل ٿيو،  حڪومت وڃڻ ۽ عام چونڊن ۾ دادو مان شڪست کانپوءِ ن ليگ ڇڏي پي ٽي آءِ  ۾ شامل ٿيو ۽ پي ٽي آءِ  جي جھنڊي ۽ نشان ھيٺ چونڊون وڙھيو ناڪامي کان پوءِ کيس پارٽي ۾ خاص اھميت نه ملندي به اميد لڳايون ويٺا ھئا ، لاڙڪاڻي ۾ انڙ خاندان جي ٽن سگھارين شخصين شفقت حسين انڙ ، عادل الطاف انڙ ، الله بخش انڙ سرگرم رھيا کين سکڻا پارٽي عھدا ڏنا ويا پر کين ڪنھن به سڻڀي عھدن کان پري رکيو ويو انھن مان شفقت حسين انڙ پ پ پ ۾ شموليت ڪري ڇڏي عادل الطاف انڙ جي ڊي اي پليٽ فارم تان سياست ڪري رھيو آھي ته وري الله بخش انڙ خاموش ٿي ويو آھي . لاڙڪاڻي ۾ وري نئين انٽري ڪرائي ٺيڪيدار سيف الله ابڙو کي اڳتي آندو ويو  عمران خان وزيراعظم ٿيڻ  بعد پھريون  ڀيرو لاڙڪاڻي  آيو پر وٽس فقط  چانهه  پيئڻ  آيو سندس مختصر دورو ھو کيس سينيٽ جي ٽڪيٽ به ڏني وئي ۽ سينيٽر بڻايو ويو جنھن تي لياقت علي جتوئي پڻ سنگين الزام لڳايا ھئا .

ھن وقت وري ارباب غلام رحيم جيڪو جي ڊي اي ۾ ھو ان کي پي ٽي آءِ  ۾ شموليت ڪرائي وئي ۽ ٿورڙي ئي وقت ۾ کيس وزيراعظم سنڌ بابت پنھنجو مشير بڻائي ڇڏيو آھي ۽ مٿس اعتماد ڪندي ٽاسڪ ڏنا ويا آهن ۽ چيو پيو وڃي ته اھو ٽاسڪ  پ پ پ کي سنڌ اندر ٽف ٽائيم ڏيڻ ۽ پي ٽي آء کي منظم ڪرڻ توڙي پارٽي اندر ڌرين جي  وڏي انگ ۾ شموليت ڪرائڻ آھي .

ڏسجي ته سنڌ ۾ ته پي ٽي آءَ جي تنظيم سازي ته ٿيل آھي ۽ سنڌ اسيمبلي ۾  اپوزيشن ليڊر به سندن آھي ان سان گڏ وفاق جو نمائندو گورنر سندن آھي ، ميان محمد سومرو ۽ فھميدہ مرزا وفاقي وزير به سنڌ مان ئي آھن ته پوءِ ارباب غلام رحيم جي کين ضرورت ڇو محسوس ٿي، ڇا ھي سنڌ. جي ڪا وڏي سياسي فگر آھي يا طلسماتي شخصيت آھي ؟ ڏسجي ھن جي پنھنجي وڏوزارت وارو دور به ڪارو دور رھيو آھي، ھي وات جو کليل لفظ ڳالھيندڙ سياسي ماڻھن مان ھڪ آھي جيڪو مھينن جا مھينا تبلغي جماعت سان گڏ ته رھندو آھي پر سياست ۾ ۽ زبان تي تبليغ جو اثر ڏيڻ نه ڏيندو آھي . ھن کي آڻڻ جو اصل  مقصد ڪھڙو آھي ؟ ڇا اھو آھي جيڪو ٻڌايو پيو وڃي يا ڪو ٻيو آھي ؟

اصل ۾ ھن کي شاهه محمود قريشي جي ايجنڊا تي رکيو ويو آهي قريشي پنجاب اندر جئين پنھنجي لابي جوڙي پارٽي اندر پنھنجو اثر رسوخ مضبوط رکڻ ۾ ڪامياب ويو آهي ۽ جھانگير ترين گروپ کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آھي اھڙي نموني ھي سنڌ ۾ به پنھنجي تنظيمي لابي جوڙڻ چاھي ٿو ٻيو مقصد سنڌ ۾ بيوروڪريسي کي داٻي ۾ رکڻ آھي ٽيون پ پ کي ڊيڄارڻ آھي ته . اھو ان ڪري ته ارباب رحيم پنھنجي وڏوزارت ۾ سياسي انتقامي ڪارروائين ۾ مشھور رھيو .ھي اچڻ سان بيوروڪريسي کي دٻا ڏيڻ لڳو ۽ لسٽون تيار ٿيڻ جا حوالا ڏيڻ لڳو آھي .

وفاقي سرڪار پڻ چاھي ٿي ته بيوروڪريسي مٿان پنھنجو حڪم ھلائي ڏسجي ته ارباب رحيم کي مشير بڻائي ڄڻ سنڌ جي حڪومت ۾ مداخلت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي  آھي،  خير ھي ته پنھنجي جاءِ تي پر پ پ پ کي ٽف ٽائيم ڏيڻ واري مقصد بجاءِ  پي ٽي آءِ پنھنجي لاءِ ٽف ٽائيم پيدا ڪري رھي آھي . ارباب غلام رحيم مٿان ڪيل اعتماد ۽ اڳئين کي نظر انداز ڪرڻ تي پي ٽي آءِ  ۾ اختلاف پيدا ٿيندا ۽ ڪيترائي پ پ ۾ شموليت اختيار ڪندا کين خبر آهي ته سنڌ ۾ پي ٽي آءِ سميت مخالف جماعتن جي ويھڪن ۾ ايندڙ وڏيرن ۽ پارٽين جي پوزيشن ڇا آهي جڏھن سندن ئي حلقن ۾ مدِمقابل وڏيرا پڻ موجود آهن  .

سنڌ جو عوام توڙي جو پ پ جي ڪارڪردگي مان خوش ناھي تنھن ھوندي به سندن متبادل ارباب رحيم جي صورت ۾ ۽ وفاق ۾ حڪومت ڪندڙ پي ٽي آءِ جنھن جي ڪارڪردگي تي پڻ سواليه نشان آھن انھن کي موقعو ڏيڻ ائين آهي جئين پنھنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو ھڻڻ ھجي . ھن ڳالهه کي  رد نٿو ڪري سگھجي ته پيپلز پارٽي عوام جي اعتماد تي پورو نه لھڻ باوجود به پنھنجي مخالفت ۾ متبادل آڻڻ نه ڏنو آھي تنھن ڪري ارباب غلام رحيم کي به تجرباتي بنياد تي آندو ويو آهي پر ھن تجربي ۾ به پي ٽي آءِ  لابي جو اثر رسوخ شامل آھي ڏسجي ته پي ٽي آءِ  ھن تجربي سان پ پ پ کي ڪيترو ٽف ٽائيم ڏئي سگھي ٿي ۽ پاڻ کي ڪيترو بچائي سگھي ٿي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.