انٽرميڊيٽ بورڊ امتحان ملتوي ڪري ڇڏيا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)ڪورونا جي چوٿين لهر جي نتيجي ۾ تعليمي بورڊ انٽرميڊيٽ امتحان ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

هائر سيڪنڊري سرٽيفڪيٽ بورڊ ڪراچي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر سعيد الدين ڪورونا وبا جي چوٿين لهر جي خطرناڪ صورتحال اختيار ڪرڻ کانپوءِ سنڌ يونيورسٽي طرفان لاڪ ڊائون ۽ امتحان ملتوي ڪرڻ واري فيصلي جي روشني ۾ يونيورسٽيز اينڊ بورڊز ڊيپارٽمينٽ سنڌ حڪومت جي حڪمن موجب ٻاهرين درجي جي جاري سالياني امتحانن سال 2021 لاءِ کي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

31 جولاءِ کان 14 آگسٽ تائين ٿيندڙ رهيل پرچا هاڻي 7 آگسٽ کان شروع ٿيندڙ يارهين درجي سان گڏوگڏ گريڊ جي امپروومينٽ، ٻارهن پرچن (ٽي پي)اسپيشل چانس، بينيفٽ ڪيسز،ايڊيشنل مضمون ۽ شارٽ مضمون جا سمورا امتحان ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي ۽ انهن سمورن امتحانن جي نين تاريخن جو اعلان پوءِ ڪيو ويندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.