پي ٽي آءِ ڪي پي ۾ غربت ختم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي: سراج الحق

لاهور(پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير سراج الحق چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪي پي ڪي ۾ غربت ۽ پسماندگي ختم ڪرڻ ۾ مڪمل  طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. رڳو دعوائون ۽ وعدا ڪرڻ جي پاليسي جاري آھي،پشاور ۾ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي هن چيو ته  صوبي ۾ تعليم ۽ صحت جي شعبن ۽ انفراسٽرڪچر جو حال تمام خراب آهي. فاٽا جي انضمام جي وقت تي ڪيل واعدا اڃا تائين پورا نه ڪيا ويا آهن. حڪومت اڃا تائين ڪاغذن تي فاٽا جي ترقي جي لاءِ اربين روپين جي منصوبن جو اعلان ڪري چڪي آهي. حڪومت کي گهرجي ته برسات سبب ٿيندڙ نقصان جو ماڻهن کي معاوضو ڏي، هن چيو ته  وزيراعظم غريبن کي ڇت پناهه ڏيڻ لاءِ پنهنجو واعدو پورو ڪري. اسلاميان پاڪستان کي متحد ٿي ڪري  ظلم ۽ ناانصافي خلاف جدوجهد شروع ڪرڻ گهرجي. جماعت اسلامي جا دروازا هر ان ماڻهو جي  لاءِ کليل آهن جيڪي پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ چاهيندا آهن. جماعت اسلامي سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي گهر گهر تائين قرآن ۽ سنت جو پيغام پهچائڻ گهرجي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.