سنڌ حڪومت جي تعصب سبب الڳ صوبي جو مطالبو ڪيو: ڪنور نويد

حيدرآباد(رپورٽر)ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڊپٽي ڪنوينر ڪنور نويد جميل 31 جولاءِ تي اعلانيل سنڌ حڪومت جي خلاف حيدرآباد  حقوق ريلي ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي تعصب ۽ غلط روين  کان تنگ اچي الڳ صوبي جو مطالبو ڪيو آهي، ڪالهه حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪنور نويد جميل چيو ته پ پ جي تعصب صوبائي حڪومت جو سنڌ جي شهري علائقن جي ماڻهن سان رويو ٺيڪ نه آهي، پ پ پ حڪومت شهرن ۾ ڪي به ڪم نه ڪرايا آهن ۽ نه وري تعليم سميت صحت جون سهولتون ڏيڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته شهري سنڌ جي عوام کي چوڻ چاهيان ٿو ته سنڌ حڪومت انهن لاءِ ڪجهه ڪرڻ نه ٿي چاهي، جيڪو ڪجهه ڪرڻو آهي اهو پاڻ کي ڪرڻو آهي، ايم ڪيو ايم حيدرآباد جي عوام جي حقن لاءِ سنڌ جي نسل پرست حڪومت جي خلاف احتجاجي ريلي ڪڍڻ جو اعلان ڪيو هو، پر ڪورونا وبا جي ڪري اهو فيصلو ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو آهي. صورتحال بهتر ٿيڻ کان پوءِ احتجاجن جو سلسلو شروع ڪيو ويندو. ڪنور نويد جميل هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته سنڌ ۾ الڳ صوبو حاصل ڪري رهنداسين ۽ اسان عوام سان گڏجي  سنڌ جي شهري علائقن جق حق حاصل ڪنداسين. جڏهن ته پ پ حڪومت جو رويو  بهتر نه ٿيو ته ان جي حڪومت جو به خاتمو ڪيو ويندو.  ان موقعي تي  ايم ڪيو ايم جا عهديدار ۽ چونڊيل نمائندا پڻ موجود هئا.17

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.