بنيادي شين جي اگهن ۾ واڌ واپس ورتي وڃي: شيري رحمان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شيري رحمان يوٽيلٽي اسٽورز تي بنيادي شين جي اگهن ۾ واڌ واپس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.

پنهنجي بيان ۾ تازي واڌ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي شيري رحمان چيو ته اٽو ساڍا 7 رپيا، کنڊ 17 رپيا ۽ گيهه 90 رپيا في ڪلو مهانگو ڪيو ويو.

سندس چوڻ هو ته يوٽيلٽي اسٽورز تي کنڊ 68 رپين بدران 85 رپيا في ڪلو موجود هوندو.

پ پ اڳواڻ چيو ته اِها اُها مهانگائي آهي جيڪا وزير اعظم ۽ ڪابينا ميمبرن جي مرضي سان ڪئي وئي آهي.

سندس چوڻ هو ته غريب پهرين ئي مهانگائي جي چڪي ۾ پيڙهجي رهيا آهن، حڪومت جي نااهلي سان يوٽيلٽي اسٽورز به غريب جي پهچ کان پري ٿي ويندا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.