مانجهند ۾ڪارنهن الزام ۾قتل ڪيل ناري جو قاتل ڀاءُ اڃا آزاد، ڌرڻو

مانجهند (رپورٽ: بابو عمراڻي ) منظور آباد ۾ 11  ڏينهن اڳ ڪارنهن الزام ۾ قتل ٿيل نوجوان عورت شھنيلا ماڇي جي قتل ڪيس ۾ نامزد ٿيل ڌر جي ماڻھن جو  مقتولا جي وارثن طرفان  پسند جي پرڻي تان انتقام جو نشانو  بڻائي مبينا ڪوڙو  ڪيس داخل ٿيڻ خلاف عورتن ٻارڙن سميت گهرن مان نڪري مين چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي،  ان موقعي تي  وارثن عبداللطيف ماڇي مقتولا عورت جي سئوٽ مدد علي  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شھنيلا ماڇي مڙس خالد ماڇي جي تشدد کان بيزار ٿي گهران نڪري امان الله سان پسند جو پرڻو ڪيو جنهن تي بااثر وارث ماڇي جرڳو ڪري سندن مٿان ڏنڊ وجهي شھنيلا کي واپس اڳوڻي مڙس خالد حوالي ڪيو،  جنهن کيس ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪرڻ جي سازش ڪئي ته شھنيلا خوف ۾ گهران نڪري مامي دلدار ماڇي وٽ پناهه ورتي جتي به خالد 4 جوابدارن سان گڏجي شھنيلا کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي، وچ ۾ اچڻ سبب دلدار ماڇي ۽ شھنيلا جو پي گولو ماڇي زخمي ٿي پيا جنهن ڪيس ۾خالد اڃا تائين جيل ۾آھي، جنهن تي بااثر حڪمت عملي تحت شھنيلا کي سندس ڀاءُ  رياض ماڇي  سازش تحت کيس پنهنجي گهر گهرائي گوليون هڻي بي دردي سان قتل ڪري ماءُ هٿان فرياد ڪرائي پسند جو پرڻو ڪندڙ امان الله ضياءَ سميت ٽن ڄڻن تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو پر کاڻوٺ پوليس ڪابه جاچ نه ڪئي آھي، جنهن سبب بااثر کين ٻيهر جرڳو ڪرائي لکين رپيا ڏنڊ وجهڻ چاهي ٿو هنن گهر ڪئي ته  ايماندار پوليس آفيسر سراج لاشاري کي جاچ آفيسر مقرر ڪرائي انڪوائري ڪرائي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.