ڪورونا: وفاق پاران سنڌ حڪومت جي فيصلن جي منظوري، مڪمل سهڪار جي خاطري

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا جي پکيڙ روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي.

وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اين سي او سي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ويو ۽ بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ڪراچي ۾ ڪورونا وبا جي شرح 26.32 سيڪڙو تائين پهتي آهي ۽ سنڌ حڪومت اهڙي وبائي صورتحال گهرائي سان ڏسي رهي آهي.

اجلاس ۾ ايس او پيز جي ڀڃڪڙين ۽ صحت واري نظام تي دٻاءَ کي نظر ۾ رکندي ويڪسين جي ضرورت تي زور ڏنو ويو.

اجلاس ۾ اين سي او سي ڪورونا وبا جي پکيڙ ۽ وڌندڙ ڪيسن جي روڪٿام لاءِ سنڌ حڪومت طرفان کنيل قدم جي منظوري ڏيندي مڪمل سهڪار جي به خاطري ڪرائي.

ان کان اڳ سنڌ حڪومت ڪورونا وائرس جي چوٿين لهر جي ڪري سڀني سبزي منڊين ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ڪورونا ويڪسين لازمي قرار ڏيندي سبزي منڊين ۾ ڪورونا ويڪسين سرٽيفڪيٽ ۽ ماسڪ بنا داخل ٿيڻ تي پابندي لاڳو ڪئي هئي.

صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ هو ته سرٽيفڪيٽ، ماسڪ نه هجڻ تي سبزي منڊي ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، ڪميشن ايجنٽ، واپاري ۽ ملازم ڪورونا ويڪسين لڳرائن ۽ سرٽيفڪيٽ گڏ رکن.

واضح رهي ته ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ صوبائي ڪورونا ٽاسڪ فورس اجلاس ۾ شام ڇهين وڳي کانپوءِ شهرين جي گهران کان نڪرڻ ۽ ڪنهن به قسم جي تفريح تي مڪمل پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.