مريم نواز آزاد ڪشمير چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي ويڊيو شيئر ڪري ڇڏي

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز آزاد ڪشمير جي چونڊن ۾ مبينا ڌانڌلي جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي اپ لوڊ ڪري ڇڏي.

مريم نواز سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي فارورڊ ڪهوٽا جي علائقي ۾ شيخ سولي پرائمري اسڪول جي پولنگ اسٽيشن ۾ مبينا ڌانڌلي جي ويڊيو شيئر ڪئي.

هن لکيو ته اها پولنگ عملي جي ويڊيو آهي، جيڪي پاڪستان تحريڪ انصاف جي حق ۾ بيلٽ پيپرن تي ٺپا هڻي رهيا آهن، اهو ئي ڪم ان سان گڏ ڇوڪرين واري اسڪول ۾ قائم پولنگ اسٽيشن تي به ڪيو ويو.

مريم نواز ٻڌايو ته اها ويڊيو ايف سي جي هڪ اهلڪار رڪارڊ ڪئي آهي، جيڪو پولنگ عملي کي ڌانڌلي کان روڪي رهيو هو، ويڊيو ۾ ايف سي اهلڪار پولنگ عملي کي ڌانڌلي کان روڪيندي چوي ٿو ته اهو غير قانوني ڪم آهي، جيڪو مناسب ۽ درست ناهي، جيڪڏهن اسان کان پڇا ڪئي وئي ته توهان ڇا پئي ڪيو ته اسان ڪهڙو جواب ڏينداسين؟ جنهن تي پولنگ عملو ان سيڪيورٽي اهلڪار کي چوي ٿو ته اهو توهان جو ڪم ناهي، اها اسان جي ذميداري آهي، توهان جو ڪم رڳو سيڪيورٽي فراهم ڪرڻ آهي، جنهن تي اهو سڪيورٽي اهلڪار چئي رهيو آهي ته ان معاملي تي سينيئر آفيسر سان ڳالهه ڪندس.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.