جهانگير ترين گروپ جو ايم پي اي نذير چوهاڻ گرفتار

لاهور (ويب ڊيسڪ) پوليس جهانگير ترين گروپ جي پنجاب اسيمبلي ميمبر نذير چوهاڻ کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس لاهور جي علائقي جوهر ٽائون ۾ ايل ڊي اي ڪامپليڪس مان نذير چوهاڻ کي گرفتار ڪيو، هو ڊي جي ايل ڊي اي سان ملاقات لاءِ ويو هو ۽ پوليس فون لوڪيشن ذريعي کيس گرفتار ڪرڻ پهتي، جتي عمارت ٻاهران اچڻ تي کيس پوليس موبائل ۾ ويهاريو ويو.

پوليس موجب نذير چوهاڻ کي جاچ لاءِ ريس ڪورس ٿاڻي نيو ويندو، جنهن کانپوءِ کيس ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم آفيس منتقل ڪيو ويندو.

پوليس جو چوڻ آهي ته نذير چوهاڻ هڪ نجي پروگرام ۾ شهزاد اڪبر خلاف ڳالهايو هو، جنهن تي ان جو آواز ميچنگ ڪرڻ لاءِ سائبر ڪرائم آفيس وينداسين.

هوڏانهن صحافين سان ڳالهائيندي نذير چوهاڻ چيو ته پوليس مون کي شهزاد اڪبر ڪيس ۾ گرفتار ڪيو، شهزاد اڪبر پنهنجي طاقت استعمال ڪئي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.