جهڏو : قومي ڪارڪن ۽ صحافي عباس کوسي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف مظاهرو

جهڏو جي قومي ڪارڪن ۽ صحافي عباس کوسي تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف جهڏو جي صحافين ،سياسي سماجي تنظيمن پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جيئي سنڌ قومي محاذ تعلقي جهڏو جي صدر ديشي نياز کوسو، پ پ اڳواڻ غلام رسول کوسو، صحافين اسحاق ساگر ڀٽي، ايڊوڪيٽ ممتاز کوسو، وسيم يوسف راهمون،  ۽ ٻين ميڊيا سينٽر جهڏو اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪندي  الزام هنيو ته جهڏو پوليس جي سرپرستي ۾ زهريلو گٽڪو، مين پڙي، انڊين سفينا، چرس، هيروئن، سميت ڪچي ٺري جون هزارين بٺيون هلندڙ آهن، جتان جهڏو پوليس جي لکين روپيا منٿلي مقرر ٿيل آهي، ٻئي پاسي شهر ۾ چوريون ڌاڙا روز جو معمول بڻيل آهن، جڏهن ته جهڏو پوليس ڏوهارين خلاف ڪارروائي ڪرڻ بدران بي ڏوهه ماڻهن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪري سرڪاري رڪارڊ جي خانه پوري ۾ مصروف آهي، هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص کي اپيل ڪئي ته مامري جو نوٽيس وٺي عباس کوسي تي داخل  ڪيس ختم ڪيو وڃي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.