خضدار ۾ مسافر ڪوچ ۽ ڪار ۾ ٽڪر،5 ڄڻا فوت

حب (رپورٽ: يار محمد بروهي) بلوچستان جي علائقي خضدار جي قومي شاهراهه تي مسافر ڪوچ ۽ ڪار ۾ ٽڪر سبب هڪ ٻار سميت 5 ڄڻا  فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. ريسڪيو ذريعن مطابق اهو حادثو آچر ۽ سومر جي وچ واري رات بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ ڪراچي کان ڪوئٽا ويندڙ شاهراهه تي ان وقت پيش آيو، جڏهن مسافر ڪوچ ڪراچي کان ڪوئٽا وڃي رهي هئي. زخمين ۽ فوتين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.