دودو ڀيل قتل ڪيس ۾ ٻن مک جوابدارن جي گرفتاري ظاهر، 2 پنجاب فرار

مٺي(رپورٽ:غازي بجير) ٿرڪول بلاڪ ٽو ۾ 25 ڏينهن اڳ سيڪيورٽي گارڊن تي وحشياڻي تشدد بعد فوٿ ٿيل پورهيت دودو ڀيل جي قتل واري ڪيس ۾ مُک جوابدارن ڪمانڊر ڪاشف رضا ۽ گارڊ قمر عباس جي  گرفتاري پوليس ظاهر ڪري ڇڏي آهي،ٻئي جوابدار پورهيت صديق راهمون کي قيد ڪرڻ واري ڪيس ۾ گرفتار هئا،جنهن بعد جاچ آفيسر سراج لاشاري ڪالھه مٺي جي عدالت ۾ پيش ٿي گرفتار ٿيل جوابدارن جي دودي قتل ڪيس ۾ گرفتاري ظاهر ڪرڻ لاءِ عدالت کي درخواست ڪئي،عدالت جي اجازت بعد پوليس ٻنهي جوابدارن کي دودي ڀيل قتل ڪيس ۾ تحويل ۾ وٺندي جيل حوالي ڪيو ويو آهي،جڏهن ته دودي ڀيل جي قتل واقعي بعد بلاڪ ٽو جي وڌيڪ 9 سيڪيورٽي گارڊن کي شڪ جي بنيادن تي گرفتاري ڪيو ويو هو،جن کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو آهي،جڏهن ته دودي ڀيل جي قتل ڪيس ۾ نامزد وڌيڪ 2 جوابدار حذيفه  ملڪ ۽ هڪ ٻيو جوابدار پنجاب فرار ٿي ويا آهن، مقتول دودي ڀيل تي تشدد واري واقعي ۾ وڌيڪ ماڻهو ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،جنهن بعد جاچ ڪندڙ ٽيم جانچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي، ذريعن کان مليل رپورٽن موجب ته جاچ ٽيم کي جاچ دوران وڌيڪ اهم معلومات ملي آهي،جنهن ۾ڪمپني جي عملدارن سميت ٻين ماڻهن جي ملوث هجڻ جو ثبوت مليو آهي،جنهن بعد جاچ جو دائرو محدود ڪرڻ بدران وڌايو ويو آهي،هوڏانهن رابطي تي جاچ ڪندڙ آفيسر سراج لاشاري چيو آهي ته دودي ڀيل جي قتل ڪيس جي جاچ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حُڪم تي ڪري رهيو آهيان،اڄ دودي ڀيل جي قتل ڪيس ۾ گهربل ٻن مُک جوابدارن ڪمانڊر ڪاشف رضا ۽ قمر عباس جي گرفتاري اسان جي حوالي ٿي ويئي آهي،جيڪي پورهيت کي قيد رکڻ واري ڪيس ۾ اڳ ئي گرفتار هئا،جنهن جي گرفتاري اڄ ظاهر ڪئي ويئي آهي،باقي وڌيڪ ٻه جوابدار ڪيس ۾ گهربل آهن جن ۾ هڪ جوابدار حذيفه ملڪ پنجاب فرار ٿي ويو آهي،هن چيو ته دودي ڀيل جي قتل ڪيس ۾ رُڳو چار جوابدار نه پر وڌيڪ ملوث آهن،اسان جاچ جو دائرو وڌائي رهيا آهيون،ڪنهن کي به بخش نه ڪيو ويندو،قتل ڪيس جي جانچ مڪمل صاف ۽ شفاف ٿيندي، دودي ڀيل جي وارثن سان انصاف ڪرڻ جو قسم کنيو آهي،سموري جاچ مڪمل ڪرڻ بعد رپورٽ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ويندي،هن چيو ته جيڪي جوابدار پنجاب فرار ٿي ويا آهن اُنهن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آنڌو ويندو،اسان جانچ ڪري رهيا آهيون،ڪيس ۾ جيڪي به هٿ ملوث آهن اُهي ظاهر ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.