نور مقدم قتل ڪيس جو جوابدار عدالت پيش، ٻن ڏينهن جو رمانڊ

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي سفير جي ڌيءَ نورمقدم قتل ڪيس جو ملزم ظاهر جعفر کي اسلام آباد جي مقامي عدالت پيش ڪيو ويو، ٻن ڏينهن  جي رمانڊ تي پوليس حوالي، ان موقعي تي جوابدار ظاهر ذاڪر جعفر ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته هو پاڪستاني نه آمريڪي شهري آهي، ڪيس متعلق سندس وڪيل ئي اوهان کي ٻڌائيندو، ياد رهي ته 20 مئي تي ڪوهسار ٿاڻي جي حد ايف سيون فور ۾ 28 ورهين جي نور مقدم کي تکي اوزار سان قتل ڪيو هو، پوليس مختلف ۾ ملڪن ۾ سفير رهندڙ مقتولڻ جي والد جي فرياد تي ظاهر جعفر نالي جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪيو آهي، جيڪو مقامي بزنس مين جو پٽ آهي. ٻئي پاسي ڪوريا جي اڳوڻي سفارتڪار جي ڌيءَ نور مقدم جي قتل بعد ميڊيا توڙي سوشل ميڊيا تي وڌيڪ انڪشاف،  ظاهر جعفر ڪراچي جي ٽائڪون خاندان سان تعلق رکي ٿو، ڪيترائي وڏا تعميراتي ڪم پڻ ڪرايا ۽ اسٽيبلشمينٽ سان پڻ لاڳاپا آهن. هن جي ڪمپني اي جي سي ايل پڻ وڏن پراجيڪٽس لاءِ مشهور آهي. تعليم سميت ٻيون سهولتون جيڪي پيسي جي بدولت حاصل ڪري سگهجن ٿيون اهي سڀ ظاهر جعفر کي مليون، پر هو ننڍپڻ کان ئي پرتشدد طبعيت رکڻ وارو رهيو آهي. ڪيترائي سال اڳ کيس نفسياتي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو. اسلام آباد جي هڪ نفسياتي ٿراپي ڪلينڪ مان علاج پڻ ڪرايو  نفسياتي مسئلن سان گڏ کيس نشي پتي جي عادت به آهي. هو خطرناڪ نشو (ميٿ) واپرائيندو هيو. نور خوبصورت، سمارٽ ۽ پڙهيل لکيل ڇوڪري هئي. پهريون برقعي ۾ هوندي هئي پر ظاهر جي چوڻ تي برقعي کي الوداع ڪيائين. ٻنهي جي خاندانن کي سندن تعلق جي ڄاڻ هئي ٻنهي ۾ سٺي انڊراسٽينڊنگ هئي پر ظاهر عام طور تي پرتشدد ۽ چيڙاڪ هوندو هيو. نور کي ظاهر جي گهر جون چاٻيون هونديون هيون روز ملڻ معمول هو نور مذهبي هئي ۽ ٻنهي جو لائف اسٽائل مختلف هيو. ڪجهه ڏينهن پهريون نور پنهنجي والدين کي ٻڌايو ته هوءِ لاهور ويندي هڪ مذهبي اجتماع اٽينڊ ڪرڻ پر هوءَ ظاهر ڏي وئي. سڄو ڏينهن سندس والدين جو نور سان رابطو نه ٿيو ته هو پريشان ٿي ويا ۽ کيس ڳوليندا رهيا. ان دوران انهن کي ٻڌايو ويو ته هوءَ ظاهر سان گڏ آهي. 20 تاريخ اڱاري جي ڏينهن ظاهر نور تي تشدد ڪيو نور پهرين ماڙ کان رڙيون ڪندي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪئي پر ظاهر سندس وارن مان گهليو اهو منظر ظاهر جي گارڊ ڏٺو جن  پوليس گهرائڻ جي ظاهر جي والدين کي ٻڌايو. والدين به پوليس کي گهرائڻ بجاءِ ڊاڪٽرن کي ٻڌايو ته اها سندن ذميواري آهي جو ظاهر هنن جو مريض آهي. ڊاڪٽرن 5 ماڻهن تي مشتمل ٽيم هنن جي گهر موڪلي وئي. انهن پنجن ڄڻڻ ظاهر کي خيالي ڪهاڻيون ٻڌايون ته جيئن هو ڪنٽرول ۾ اچي پر هو ٽيرس تي موجود رهو. گهر جي ٻاهران ظاهر ۽ نور جا قريبي دوست موجود هيا جن ظاهر سان ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي. ظاهر سڀني کان هڪ ڪلاڪ سوچڻ لاءِ ڏيڻ جي مهلت ورتي۽ ملڻ جو وعدو ڪيو پر انکان اڳ ظاهر  نور کي گولي هڻي پوءِ  ڇرين جا وار ڪري قتل ڪيو. ان دوران ٿراپي ٽيم گهر اندر داخل ٿي ۽ ڏاڪڻ تي چڙهي . هنن ڏٺو ته ظاهر رت ۾ لت پت آهي اها رت نور جي مٿي نڪتل هئي، نور جو ڪپڙن کان آجو لاش پيو هيو. جڏهن ظاهر هنن کي ڏٺو ته هن اسٽاف تي به گوليون هلايون پر انهن کي نه  لڳيون. هڪ ماڻهو ظاهر  سوگهو ڪيو، ظاهر هن تي به حملو ڪيو هوءَ ظاهر جي هٿن جي نشانن زخمي ٿيو ۽  ڳڻتي جوڳي حالت ۾ پمس اسپتال ۾ داخل آهي. اتي موجود ٻن ساٿين پوليس اهلڪارن کي فون ڪئي ۽ پنهنجي ساٿي کي بچائڻ لاءِ ظاهر کي سوگهو ڪيو. ڪمري ۾ موجود ڪپڙن سان ظاهر کي هٿ ٻڌا ويا. پوليس موقعي تي پهتي ۽ واردات واري هنڌ جو جائزو ورتو، جوابدار کي گرفتار ڪيو. اهو ٻڌايو پيو وڃي ته ظاهر مڪمل هوش و حواس ۾ هيو ۽ چئي رهيو هيو ته نور کي مون قتل ڪيو آهي، هن مون سان دوکو ڪيو آهي، هن پوليس، ٿراپي ورڪرس کي ڌمڪايو ته سندس لاڳاپا وڏن تائين آهن. پوليس اسٽيشن پهچن کانپوءِ هو بڙبڙائڻ شروع ڪيو ته جيئن لڳي هو نفسياتي طور تي ٺيڪ ناهي. اکين ڏٺن شاهدن چيو ته هو ڄاڻي واڻي ايئن ڪري رهيو هيو ڄڻ هو مينٽلي ٺيڪ ناهي. ان جي به ڄاڻ ملي ته هن آمريڪا وڃڻ جون ٽڪيٽس پڻ بڪ ڪرايون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.