سڄي ملڪ جي سومرا برادري کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪري رهيا آهيون: ناصر محمود سومرو

سکر(رپورٽر) شهيد دودو سومرو ويلفيئر آرگنائيزيشن پاڪستان جي جنرل سيڪريٽري  ناصر خالد محمود سومرو چيو آهي ته پوري ملڪ ۾ سومرا برادري کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيئن سندن مسئلا حل ٿي سگھن. شهيد دودو ويلفيئر آرگنائيزيشن جي پليٽ فارم تان سومرا برادري کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل لاءِ جدوجھد جاري رهندي. اهڙيون ڳالهيون هن پنهنجي رهائش گاهه تي سکر جي وفد وقار علي سومرو ۽ ٻين سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيون.

وڏو وزير اڄ تڪ جو ٻيهر دورو ڪندو، تعزيتون به ڪندو

ڀان سيدآباد (ن ع آ) وڏو وزير سيد مرادعلي شاهه اڄ ڇنڇر ڏهاڙي ٻيهر 2 ڏينهن جي دوري  تي پنهنجي چونڊ تڪ ۾ پهچندو، جتي هو مختلف ماڻهن سان تعزيتون ڪندو،  جڏهن ته مختلف ترقياتي اسڪيمن جو پڻ جائزو وٺندو ۽ لاڳاپيل  آفيسرن کي ترقياتي منصوبا وقت سر مڪمل ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪندو، ذريعن موجب وڏو وزير مرادعلي شاه ڳوٺ علي حسن شاهاڻي ۾ پ پ تعلقي سيوهڻ جي صدر امان الله شاهاڻي سان سندس والد جي لاڏاڻي تي تعزيت ڪندو ۽ معزز شخصيت محمد عثمان سولنگي جي لاڏاڻي تي سندس فرزند اڳوڻي يوسي شيخ جي چيئرمين محمد ملوڪ سولنگي سان تعزيت ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.