ديامر: لينڊ سلائيڊنگ سبب زميني رابطو ڪٽجي ويو، سياح ڦاسي پيا

گلگت(ويب ڊيسڪ) گلگت بلتستان ۾ مينهن جو سلسلو جاري آهي جنهن جي ڪري مختلف ماڳن تي لينڊ سلائيڊنگ سبب ڪيترائي زميني رابطا ڪٽجي ويا.

گلگت بلتستان جي گهرو کاتي جي دعويٰ آهي ته گلگت بلتستان جي ضلعي ديامر ۾ شاهراهه قراقرم کي 9 مان 7 ماڳن کي صاف ڪيو ويو آهي.

گهرو کاتي طرفان مسافرن کي چلاس شهر ۾ ئي انتظار ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري بند شاهراهه قراقرم ٽن ڏينهن کان بند آهي جنهن جي ڪري گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳل آهن جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت ڪيرائي سياح ڦاٿل آهن، ماڻهن بيزار تي روڊن تي ديرا ڄمائي ڇڏيا آحن.

ٻئي پاسي گلگت استور روڊ ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو، هي روڊ 15 ماڳن تي لينڊ سلائيڊنگ جي ڪري بلاڪ ٿيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.