نواز شريف جي مودي سان ياري برقرار آهي: فرخ حبيب

فيصل آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير فرخ حبيب مسلم ليگ ن جي نائب صدر مريم نواز ۽ اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو.

فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سڌُ سماءَ واري مملڪتي وزير فرخ حبيب جو چوڻ هو ته مودي سان نواز شريف جي ياري برقرا آهي اِهو ئي سبب آهي جو مريم نواز مودي جي ڳالهه ناهي ڪندي.

سندس چوڻ هو ته نواز شريف مريم کي مودي جي خلاف ڳالهائڻ کان روڪيو آهي، مريم جيڪو ڳالهائيندي اُها ڀارت ۾ هيڊ لائن بڻجندي آهي.

فرخ حبيب جو چوڻ هو ته نواز ۽ مودي جا لاڳاپا ته اڄ به جيئرا آهن جڏهن ته وزير اعظم عمران خان ڪشمير جو ڪيس ڀرپور طريقي سان دنيا جي آڏو رکيو.

هن چيو ته 62 پاڪستانين کي عيد جي موقعي تي ملڪ واپسي جي لاءِ وزير اعظم مسيحا بڻيو ۽ عيد تي پاڪستانين جي واپسي لاءِ خاص اڏامن جو بندوبست ڪيو.

فرخ حبيب عيد جي ڏينهن ڪشميرين سان ٻڌي جو اظهار ڪندي چيو ته عيد تي ڪشميرين جي جدوجهد کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، ڪشميرين آزادي جي جدوجهد لاءِ قربانيون ڏنيون، اڄ انهن کي قبول ڪرڻ جو ڏينهن آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.