سکر جو ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي شهيد اهلڪارن جي گهر پهتا

سکر(رپورٽر) ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر پنهنجي فرض کي ادا ڪندي شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي گهر پهچي سندن  گهرڀاتين ۽ ٻارن کي عيد جا تحفا ڏنا، ان موقعي تي ڊي آءِ جي سکر جو چوڻ هو ته عيد جون خوشيون اسان پنهنجي شهيد ٿيندڙ اهلڪارن جي ناءُ ڪيون ٿا جن پنهنجي ڊيوٽي دوران پنهنجي جان جو نظرانو پيش ڪري هن عوام جي تحفظ کي يقيني بڻايو. اهڙي بهادر پٽن سان ئي اڄ اسان هڪ پرامن معاشري ۾ زندگي گذاريون پيا، هوڏانهن ايس ايس سکر جو چوڻ هوته شهيد اهلڪارن جي قربانين جي بدولت هن وقت تائين امن جي فزا قائم ۽ دائم آهي، اسان شهيدن جي وارثن سان هر ممڪن مدد ڪنداسين.

ڏوڪري لڳ نينگر پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت، مخالفن تي قتل جا الزام

ڏوڪري ( ن ع آ ) موهن جو دڙو ڀرسان 12 ورهين جو نينگر پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو نينگر جي وارثن پاران مخالف ڌر تي سندن نينگر کي ماري پاڻي جي کڏ ۾  اڇلائڻ جا الزام مڙهيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس معاملي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، ان ڏس  موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ محمد خان ڪلهوڙو ۾  12 ورهين جو نينگر سليم پٽ اڪرم ڪلهوڙو پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو آهي، اطلاع تي وارثن پهچي نينگر کي ڏوڪري اسپتال پهچايو جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. هوڏانهن  نينگر جو ڏاڏو علي نواز ڪلهوڙو پوٽي جو لاش ايمبولنس ذريعي ايئرپورٽ ٿاڻي تي کڻائي آيو. ان موقعي تي ٻڏي فوت ٿيل نينگر جي ڏاڏي پوليس ۽ ميڊيا کي ٻڌايو ته هنن جو دلبر ڪلهوڙو واري ڌر سان پراڻو تڪرار هلندڙ آھي. جن اڳواٽ ئي هنن کي  چيو هو ته ڪجه وقت اڳ  ٽريڪٽر جي ٽڪر ۾   فوت ٿيل شاگرد جعفر ڪلهوڙو جو پلاند ڪنداسين ،هن چيو ته سندس پوٽو ٻڏي فوت نه ٿيو آهي پر کيس دلبر ڪلهوڙو واري ڌر قتل ڪري نينگر جو لاش کڏ ۾ اڇلايو آهي. ايئرپورٽ ٿاڻي تي اطلاع ڏيڻ ۽ ضروري ڪاروائي بعد فوتي نينگر جو لاش وارث پوسٽ مارٽم لاءِ  واپس اسپتال منتقل ڪيو. جتان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ايئرپورٽ لياقت کجڙ ميڊيا کي ٻڌايو ته نينگر جي کڏ ۾ ٻڏي فوت ٿيڻ واري واقعي کي وارثن پاران قتل قرار ڏيئي مخالفن تي پلاند ڪرڻ جا الزام هڻڻ جي جاچ ڪري رهيا آهن، واضع رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويل شاگرد جعفر ڪلهوڙي جي وارثن به مخالف ڌر تي نينگر کي مارڻ جا الزام مڙهيا هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.