آبادي جي وڏي حصي جي ويڪسينيشن تائين پابنديون اڻٽر آهن: اسد عمر

اسلام آباد (م ڊ) اين سي او سي سربراهه اسد عمر چيو آهي ته جيستائين آبادي جو وڏو حصو ڪورونا ويڪسين نٿو لڳرائي، پابنديون لازمي  آهن. ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ اسد عمر ٻڌايو ته ڪالهه پهريون ڀيرو ملڪ ۾ هڪ ڏينهن ۾ 6 لک کان وڌيڪ ويڪسينيشن ڪئي وئي، اهو انگ ته بهتر آهي پر ان ۾ اڃا تيزي جي ضرورت آهي ته جيئن سموريون سماجي ۽ معاشي پابنديون ختم ٿي سگهن، آبادي جي وڏي حصي جي ويڪسينيشن تائين پابنديون اڻٽر آهن. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.