فضل الرحمان کي سنڌ ۾ حڪومتي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪباد هجي: نثار کهڙو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) پاڪستان پيپلز پارٽي سنڌ جي صدر نثار احمد کهڙو چيو آهي ته مولانا فضل الرحمان کي سنڌ ۾ راشد محمود سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ وفاق جي حڪومتي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو. پنهنجي جاري  ڪيل بيان ۾ هن چيو ته وفاق ۾ جي يو آءِ پي ڊي ايم جي پليٽ فارم تان اپوزيشن ڪري رهي آهي ۽ سنڌ ۾ جي يو آءِ راشد محمود سومرو جي قيادت ۾ وفاقي حڪومت سان اتحاد ڪري رهي آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي جماعت ۾ ڊسيپلين قائم رکي نه ٿو سگهي ان لاءِ راشد محمود سومرو جي سربراهيءَ ۾ حڪومتي اتحاد ۾ شامل ٿيڻ تي خاموش آهي. نثار کهڙو چيو ته سنڌ ۾ جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومرو وفاقي وزيرن محمد ميان سومرو ۽ جي ڊي اي جي علي گوهر مهر سميت ٻين سان ويهڪ لڳائي اتحاد ڪري رهيو آهي پر ان تي مولانا فضل الرحمان خاموش آهي. هن چيو ته مولانا فضل الرحمان وفاق ۾ اپوزيشن جي سياست ۽ سنڌ ۾ راشد محمود سومرو جي اڳواڻيءَ ۾ پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت ۽ ان جي اتحادين جي ڊي اي سان اتحاد تي پارٽي پاليسي واضح ڪري. هن چيو ته جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان پاڻ وفاق ۾ پي ڊي ايم جي سربراهه جي حيثيت ۾ اپوزيشن جي سياست ڪري رهيو آهي ۽ سنڌ ۾ راشد محمود سومرو جي قيادت ۾ جي يو آءِ حڪومتي اتحاد ۽ پي ٽي آءِ حڪومت جي اتحادي بڻيل آهي ان ڪري مولانا فضل الرحمان واضع ڪري ته جي يو آءِ وفاقي حڪومت جي اتحادي آهي يا حڪومت مخالف تحريڪ جو حصو آهي؟ هن چيو ته جيڪڏهن جي يو آءِ اپوزيشن جو حصو آهي ته پوءِ سنڌ ۾ راشد محمود سومرو جي قيادت ۾ پي ٽي آءِ حڪومت ۽ ان جي اتحادين سان اتحاد ڪنهن جي اشاري تي ڪيو پيو وڃي. 03.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.