عمران جا ٻار يهودين وٽ پلجن ٿا( مريم) هن رويي سبب پاڪستان ڇڏيو: جمائما

اسلام آباد (م ڊ) ن ليگ نائب صدر مريم نواز ۽ وزيراعظم عمران خان اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ سمٿ سوشل ميڊيا تي آمهون سامهون اچي ويون. جمائما هڪ اخبار جو اداريو ٽوئيٽر تي شيئر ڪيو، جنهن ۾ عمران خان ۽ مريم نواز کي چيو ويو  هو ته پنهنجي ٻارن ۽ يهود مخالف رويي کي سياست ۾ نه گِهليو. گڏوگڏ جمائما تبصرو ڪيو ته مريم نواز چئي ٿي منهنجا ٻار يهودين جي جهولي ۾ وڏا ٿي رهيا آهن، هڪ ڏهاڪي تائين ميڊيا ۽ سياستدانن طرفان ڪئي ويندڙ يهود مخالف حملن، هر هفتي قتل جي ڌمڪين ۽ منهنجي گهر ٻاهران احتجاجي مظاهرن کانپوءِ مان 2004 ۾ پاڪستان ڇڏي ڏنو هو پر اهو سلسلو اڄ به جاري آهي. ان تي مريم نواز جواب ڏنو ته مون کي توهان، توهان جي ٻارن يا ذاتي زندگي ۾ ڪا دلچسپي ناهي، ڇو ته مون وٽ چوڻ ۽ ڪرڻ لاءِ بهتر ڪم آهي پر جيڪڏهن توهان جو اڳوڻو مڙس دشمني ۾ ٻين جي گهروارن کي گهلي ٿو ته ٻين وٽ به چوڻ لاءِ مناسب ڳالهيون آهن، تنهن ڪري توهان رڳو پنهنجي اڳوڻي مڙس کي ئي ذميوار سمجهو. 03

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.