شلپا شيٽي جو مڙس فحش فلمون ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري اداڪارا شلپا شيٽي جي مڙس راج ڪندرا کي فحش فلمون ٺاهڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب ممئبي پوليس پنهنجي بيان ۾ ٻڌايو ته 45 ورهين جي راج ڪندرا سميت وڌيڪ 11 ڄڻن کي فحش فلمون ٺاهڻ ۽ پوءِ موبائل ايپس تي پکيڙڻ سبب گرفتار ڪيو آهي.

رپورٽ موجب راج ڪندرا خلاف هلندڙ سال فيبروي ۾ ممبئي ڪرائم برانچ طرفان ڪيس داخل ڪيو ويو هو، جنهن تحت سموريون شاهديون گڏ ڪرڻ کانپوءِ راج ڪندرا کي ان ڪيس ۾ مک جوابدار طور گرفتار ڪيو ويو آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ اداڪارا ۽ ماڊل پونم پانڊي به ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾ راج ڪندرا سميت ان جي ساٿي خلاف درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته هڪ معاهدو ختم ٿي وڃڻ سبب ان جي ويڊيوز کي غير قانوني طريقي سان استعمال ڪيو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.