کهڙا: عوام عمران خان جي حڪومت کان بيزار ٿي چڪو آھي: ايم پي اي نعيم کرل

کهڙا ۾  پاڪستان پيپلزپارٽي اڳواڻ ايم پي اي نعيم احمد خان کرل چيو آھي ته عمران خان تبديلي جي نالي تي عوام کي مهانگائي. بيروزگاري ۽ غربت کانسواء ڪجه ناهي ڏنو، ايم پي اي نعيم خان کرل کهڙا جي سينئير صحافي عبدالحڪيم شر سان سندس ڀاء استاد شھداد علي شر جي وفات تي تعزيت ڪرڻ بعد ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ عوامي جمهوري پارٽي آھي،  بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جو روشن مستقبل آھي،  عوام عمران خان جي حڪومت کان بيزار ٿي چڪو آھي جڏھن ته ايم پي اي نعيم خان کرل پ پ اڳواڻ شمن ميمڻ سان پڻ پٽ جي وفات تي تعزيت ڪئي ان موقعي تي ميان رزاق ڏنو اڄڻ. نوراحمد خواجه. عبدالرزاق اڄڻ. اسدالله ميمڻ. عبدالمجيد شر. اختر علي شر. مختيار حسين شر. فاروق خواجه ۽ ٻيا پ پ ورڪر ساڻس گڏ ھئا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.