ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي ميرپور خاص شهيدن جي وارثن وٽ پهتا

ميرپورخاص (بيورورپورٽ) آءِ جي سنڌ جي هدايتن تي هرسال جيان هن سال به عيد جي موقعي تي پوليس جي شهيدن کي ياد رکندي ڊي آءِ جي ذوالفقار مهر ۽ ايس ايس پي فيصل بشير شهيدن جي ڪٽنبن سان ملڻ لاءِ سندس گھر پهتا ۽ شهيدن جي وارثن عيد جا تحفه پيش ڪيا ان موقعي تي ڊي آءِ جي ذوالفقار مهر چيو ته شهادت ماڻيندڙ پوليس جا جوان اسان جي لاءِ فخر آهن جن پنهنجي ملڪ جي عوام جي جان مال جي حفاظت لاءِ پنهنجين جانن جون قربانيون ڏنيون سندن قربانين کي ڪنهن صورت ۾ وساري نه ٿو سگھجي شهيدن جي ڪٽنبن جي هر ڏک ۽ خوشي ۾ اسين شامل آهيون شهيدن جي وارثن لاءِ اسان جا دروازا هر وقت کليل آهن زنده قومون ڪڏهن به پنهنجن شهيدن کي نه وسارينديون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.